سيوهڻ(رپورٽ: اشرف عطار) عظيم صوفي بزرگ  حضرت سخي لعل شهباز قلندر جو 771 هون ساليانو عرس مبارڪ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، لکن جي تعداد ۾ پانديئڙا سيوھڻ پھچي ويا آهن. درگاھ قلندر لعل شھباز مزار کي چراغان ڪري سينگاريو ويو آهي، ھر گھٽي ۾ دمادم مست قلندر جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آهن. سڪيورٽي لاءِ شهر ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرس اسپيشل برانچ، ڊي آئي پي برانچ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سيوهڻ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ لاءِ پھچي ويا آھن ۽ شھر جي مختلف چونڪن تي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن ۽ زائرين جي چيڪنگ واري عمل ۾ تيزي پڻ آندي وئي آھي ۽ شھر اندر رينجرس ۽ پوليس موبائلن جو گشت به جاري آهي. حضرت لعل شھباز قلندر جو 771 ھين عرس مبارڪ جو افتتاح اڄ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري پاران چادر چاڙهڻ واري رسم ادا ڪري افتتاح ڪرڻ سان ڪيو ويندو جڏھن ته ميلا ڪاميٽي انتظاميا پاران پھرين ڌمال کان آخري ڌمال  تائين ملاکڙو جاري ۽ شھباز آڊيٽوريم ۾ پھرين ڌمال واري رات تي سگھڙن جي ڪچھري 2 ڌمال تي ادبي ڪانفرنس ۽ آخري ڌمال واري رات تي محفل موسيقي جو پروگرام رکيو ويو آھي جنھن ۾ سنڌ جا نالي وارا فنڪار ۽ فنڪارائون پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا ۽ ميلي جي ٽنھي ڌمالن تي بھترين ڪارڪردگي جي بنياد تي شھباز ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا.