سيوھڻ: حضرت لال شهباز قلندر رح جي 771 هين عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي شهباز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل ادبي ڪانفرنس ۽ محفل موسيقي دوران پنهنجا مقالا پيش ڪيا، ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر پروفيسر مخمور بخاري چيوته لال شهباز قلندر بابت فارسي زبان جي ڪجهه اهم ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو، جن جو ترجمو ڪري اسان لال شهباز قلندر بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته هڪ حوالي مطابق ابن بطوطه سن 1325ع ۾ جڏهن سيوهڻ پهتو ته اتي ان جي هڪ شخص ”بغدادي“ سان ملاقات ٿي، جنهن جي عمر 143 سال هئي ۽ ان جو تعلق قلندر خانقاهه سان هو ۽ خانقاهه لفظ هر درگاهه کي نه چيو ويندو آهي، هن مطالبو ڪيو ته ان جي شاعري کي ڪارائتو ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق ڪئي وڃي،  ڊاڪٽر سڪينا سمون مقالو پيش ڪندي چيوته سيوهڻ جو شمار سنڌ جي قديمي شهرن ۾ ٿئي ٿو.  خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي مقالو پيش ڪندي چيوته لال شهباز قلندر رح ان وقت جي دين جي بزرگن کان اسلامي تعليم حاصل ڪئي، قلندر لال شهباز جو شجرو امام زين العابدين عه سان کان ٿيندو حضرت محمد مصطفيٰ صه سان ملي ٿو، اي بي لاشاري ادبي ڪانفرنس ۾ پنهنجو مقالو پيش ڪندي چيو ته اينٿروپولاجي جي مدد سان لال شهباز قلندر بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، سڀ کان قديمي خطو سنڌ آهي، اسان ان ڌرتي جي وارث آهيون جتي انسانيت جو درس ملي ٿو،  ساگر انور ڪانڌڙو پنهنجو مقالو پيش ڪندي چيوته قلندر سائين جي شاعري جا مجموعه امير خسرو ۽ شيخ سعدي جي پائي جا آهن، جن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ادبي ڪانفرنس ۾ نذير سيوهاڻي، اسماعيل باريجو، مختيار ملڪ، مير حاجن مير، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ مدد علي سنڌي پڻ پنهنجا مقالا پيش ڪيا.