ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد لاهور قلندرز خلاف خراب پرفارمنس تي بالرن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. سرفراز احمد جو چوڻ هو ته پهرين 10 اوورن ۾ 7 وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ به ميچ نه کٽي سگهياسين جنهن تي افسوس آهي. قلندرز کي 100 رنز کان وڌيڪ نه ڪرڻ ڏيڻيون هيون پر ايئن نه ٿيو، سڪندر رضا شاندار بيٽنگ ڪئي. سرفراز احمد چيو ته بالرن پهرين 10 اوورن ۾ شروعاتي وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ به وڌيڪ رنز ڏئي ٽيم کي مايوس ڪيو، اسان جي بالرن 6 اوورن ۾ 52 رنز ڏنيون جنهن سان قلندرز کي ميچ ۾ واپسي جو رستو مليو.