قطرينا ڪيف جو شادي تقريبن ۾ ڊانس جو 7 ڪروڙ رپيا معاوضو

0
452
قطرينا ڪيف جو شادي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ستارن کي پنهنجي فيملي ايونٽس ۾ گهرائڻ هڪ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ۽ اڪثر امير گهراڻا پنهنجي شادي جي تقريب ۾ بالي ووڊ سپر اسٽارز کي گهرائيندا آهن جنهن عيوض اداڪار وڏي رقم وصول ڪندا آهن

سڀ کان وڌيڪ معاوضو قطرينا ڪيف 7 ڪروڙ رپيا (پاڪستاني) وٺندي آهي، ٻئي نمبر تي شاهه رخ خان شادي تقريب ۾ ڊانس ڪرڻ جا 6 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺندو آهي، ٽئين نمبر تي رتڪ روشن، پريانڪا چوپڙا ۽ اڪشي ڪمار شادي تقريب ۾ ڊانس جو 5،5 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺندا آهن. چوٿين نمبر تي سلمان خان ۽ رنبير ڪپور 4،4 ڪروڙ رپيا، دپيڪا ۽ رنوير جي جوڙي شادي تقريبن ۾ ڊانس جو معاوضو 2 ڪروڙ رپيا وصول ڪندا آهن.