ننڍي هوندي اسانجي اسڪول ۾ موڪلون جام هونديون هيون، سال ۾ 52 آچر جون موڪلون، 36 عيدن، پاڪستان ۽ قائداعظم جون موڪلون،86 سياري، اونهاري جون ويڪيشنون، مينهن وسي ته سڄو سانوڻ موڪل، ٻيو ته اسان وارو استاد بچي شل وري ڀنگ جو موالي هو ، اسڪول ۾ به ڏنڊي ڪونڊي جي گهوٽ گهوٽان هوندي هئي. سو سائين سڳورو ٻه ڏينهن اسڪول ايندو هو ته 10 ڏينهن گهر ۾ غر قور هوندو هو. سو سال ۾ 65 ڏينهن پڙهائي هوندي هئي، 300 ڏينهن موڪل هوندي هئي. سڄو ڏينهن واندا، سو مفت واريون رانديون پيا ڪندا هئاسين. اٽي ڏڪر، لاٽون، ونجهوٽي، ڪوڏي، ٻيلهاڙو، ملهه، ٽاپو، ڊڊبڊي، چلهر، چوپڻ، لڪ لڪوٽي، ڏاڪ چم وغيره وغيره. پوءِ اچتو ڳوٺ ۾ ڪرڪيٽ ڪاهي آئي، ڪرڪيٽ جي بئٽ، وڪيٽون ۽ بال مهانگا، اسين غريب ماڻهو ڪٿان وٺون. اسان ان جو به حل ڳولي ورتو، ڪرڙ جي ڪاٺين مان وڪيٽون ٺاهيونسين، ڪپڙن ڌوئڻ واري سونٽي کي بيٽ بنايوسين ۽ اٺن آنن جو ست کليو بال وٺي. ڏهوڙ جي پوٺي تي ڪرڪيٽ شروع ڪري ڏنيسين.
مونکي ڪرڪيٽ جو شوق اهڙو جنون تي هو جو ننڊ ۾ به پيو چونڪا ۽ ڇڪا هڻان. هئي هئي آءٌ بالنگ ۽ بيٽنگ جو ماهر ٿي ويس. ڳوٺ ۾ پهريون نمبر آيس، پوءِ يوسي ۾، پوءِ تعلقي ۾ ۽ آخر ضلعي ۾ پهريون نمبر کلاڙي ٿي پيس. هنڌين ماڳين منهنجي هاڪ ٿي وئي نيٺ صوبائي ٽيم ۾ آيس. ترقي ڪري قومي ڪرڪيٽ ۾ آيس بهترين ڪارڪردگي جي ڪري آءٌ ٽيم جو ڪيپٽن ٿي ويس. مون ۾ الاهي نياز ۽ نوڙت هئي، آفيسرن سان هٿ ٻڌي ڳالهائيندو هئس، انهي ڪري مونکي سڀ نيازي سڏڻ لڳا. هڪ دفعي ڪمال ٿي ويو انٽرنيشنل مقابلي ۾ مون پاڪستان کي پهرين نمبر تي کٽرائي ڏيکاريو پوءِ ته اصل واه واه ٿي وئي. آءٌ سڄي دنيا ۾ پهرين نمبر تي مشهور ٿي ويس. اخبارن ، ميگزين ۽ ٽيوين ۾ منهنجي عجيب عجيب پوز وارو فوٽو پيا اچن. انهي مشهوري کانپوءِ هڪ انگريز مائي مون تي عاشق ٿي پئي، مون ٺوڪي ان سان شادي ڪئي. پوءِ منهنجا لڇڻ ان کي ڪونه وڻيا ۽ هن جا لڇڻ مون کي ڪونه وڻيا، اسين وري ڌار ٿي وياسين. انهي شادي کانپوءِ آءٌ ڪمزور ٿي ويس. مون کان چونڪا ۽ ڇڪا لڳن ئي نه. سوچيو اهيو نالو ۽ ڀرم رهجي اچي، سو مون قومي ڪرڪيت ٽيم تان استعيفا ڏيئي ڇڏي. انعام ڪرام ۾ جام ميڊل ايوارڊ ۽ ڊالر مليا سو سو چيم ڇو نه فلاحي ڪم ڪري ملڪ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪريان، پوءِ مون سوسٽ جانم نالي ڪينسر جي فلاحي اسپتال قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چندي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪاهي پيس. ڪرڪيٽ ۾ مون نالو ڪمايو هو، سڄي قوم جو هيرو هئس سو ماڻهن مون کي دل کولي جام چندو ڏنو. ايترا پئسا گڏ ٿي ويا جو ان مان اسپتال به خيرن جي ٺهي هلڻ لڳي ۽ ٻني مون لاءِ ۾ هزارين مرلن تي عاليشان پارڪ وارو بنگلو به ٺهرايو، اتي آءُ ورزش به ڪندو آهيان ۽ پنهنجي پاليل ڪتي سان ڊڊ بڊي راند ڪري پنهنجو شاندار ماضي ياد به ڪندو آهيان.
اسپتال جا خرچ تمام گهڻا هئا سو اهي پورا ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کان ڪجهه في وٺڻ به شروع ڪيم ۽ چندي جو سلسلو به قيامت تائين جاري رکڻ جو پرگرام ٺاهيم. موبائيل ڪمپني سان معاهدو ڪري هر موبائيل رکندڙ کي به ڏهه ويهه رپيا ڏيڻ جي اپيل ڪيم، هاڻي سال ۾ ايترا پئسا گڏ ٿا ٿين جو اسپتال جو ۽ منهنجو گاڏو سٺي نموني هلڻ لڳو آهي.
پوءِ مونکي شوق ٿيو ته ڇو نه آءٌ سياست ۾ اچي ملڪ جو بادشاهه ٿي وڃان. مون سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪيو، ذاتي سنگت وارا ڪجهه چلتا پهرتا ڪانگ ماڻهو ۽ خرچ جي دٻ جهلڻ وارا ڪجهه صنعتڪار ۽ سرمايه دار گڏ ڪري نئين سياسي پارٽي ڦٽي آئي جو اعلان ڪيم. پوءِ ته جلسا، مارچون، ڌرڻا هڻي مون سڄي ملڪ ۾ پارٽي پکيڙي ڇڏي، پر آءٌ ملڪ جو وزيراعظم ٿيان ئي نه! تاريخ منهنجي ڀاگ پٺيان لٺ کنيون پئي هلي. اوچتو نواز شريف جي حڪومت تي ڌاڙو هڻي پرويز مشرف اچي اقتدار سنڀاليو. نواز شريف روئي روئي ٽشو پيپرن جا هزارين دٻا خراب ڪري ڇڏيا، نيٺ عرب سڳورن وچ ۾ پئي کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو، اربين رپيا کائڻ کان پوءِ به نواز شريف مظلوم ٿي ويو. وري بينظير صاحبه جي شهادت کانپوءِ زرداري صاحب مظلوم ٿي ويو. حڪومت پ پ وارا کڻي ويا، پوءِ وري نواز شريف آيو ته حڪومت اهو کڻي ويو. آءٌ غريب جو ٻار ڏويون چٽڻ ۾ پورو هئس، پوءِ مون طريقي نمبر 13 تي عمل ڪيو جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سوشلزم، اٽي لٽي ۽ اجهي جا ڪوڙا وعده عوام سان ڪيا پر پ پ وارن رڳو چٽو ڪيو باقي اٽو لٽو ۽ اجهو اڃا تائين عوام کي ڪو نه ڏنو، سو مون به عوام کي لکين گهر ۽ ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو. گڏوگڏ نئون پاڪستان ٺاهڻ ۽ نه گهٻرائڻ جو اعلان ڪيو. ٻيو سگهارين ڌرين کي هٿ ٻڌي چيم ته مون کي اقتدار وٺي ڏيو مون جهڙو فرمانبردار، تابعدار ۽ هٿ ٻڌو ٻانهو توهان کي تاريخ ۾ ڪونه ملندو. وري سپر پاور واري ملڪ کي به مڪمل تعاون ۽ گولو غلام ٿيڻ جو يقين ڏياريم، پوءِ ته 2018 واري اليڪشن ۾ وڏيون ڪاريگريون ٿي ويون ۽ آءٌ اليڪشن کٽي ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويس. نه فقط ايترو پر پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ به منهنجي پارٽي ڦٽي آئي جي حڪومت هئي. بدنصيبي سان سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت اچي وئي، جيڪا مونسان اصل ڪا نه ٺهي. پ پ وارن کي بينيظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ اليڪشن اٽڪلن ڪري سنڌ ۾ ڪير هارائي ئي ڪونه ٿو سگهي، سنڌ ۾ وري مخالفن جي ڊي اي، قومپرستن، ايم ڪيو ايم ۽ مون واري پارٽي ڦٽي آئي جو حال پورو سورو آهي.
حڪومت ته مونکي ملي پر ملڪ جو خزانو خالي هو. ماڳهين ملڪ قرضي هو نواز شريف صاحب ملڪي خزاني جو پيالو چٽي بيماري جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ڏيکاري ٻاهر ڀڄي ويو. پوءِ مون ڪستو بغل ۾ هنيو. عربن ۽ ٻين ملڪن کان پن سن ڪري قرض کڻي ملڪ هلائڻ شروع ڪيو. مون خزاني جا ڪيئن وزيراعظم بدلايا پر خزانو ٺهي ئي نه!مون وارا وزير ۽ صلاحڪار به سڀ جڏا، صلاحون ابتيون ڏين نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ تي چڙهي وئي. مون ماڻهن کي لکين گهر ته ڪونه ٺهرائي ڏنا پر حددخلين جي آڙ ۾ لکين گهر ڊهرائي ڏنا، ڪروڙين نوڪريون ته ڪونه ڏنيون پر غيرفعال ادارن مان ڪروڙين ماڻهو ڪڍي کين بيروزگار ڪري ڇڏيو. مون آءِ ايم ايف کان ڳرن شرطن تي قرض وٺي ملڪ کي پئي هلايو. انهن جي صلاح مشوري سان مون پئٽرول، بجلي، کنڊ، اٽو وغيره مهانگو ڪري ڪئين اربن جي ٽيڪس عوام تي مڙهي.
22-2021ع جي نئين بجيٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ته وڏو گوڙ ٿي ويو. مهانگائي ماڳهين ٻيڻ تي ٿي وئي. ماڻهن ۾ گهوڙا گهوڙا شروع ٿي وئي، ماڻهو نواز شريف ۽ پ پ جي حڪومتن جي ساراهه ڪرڻ لڳا، مونکي ننڍي هوندي ٻڌل ناني جي ڪهاڻي ياد اچي وئي، جنهن موجب هڪ بادشاهه ڏاڍو ظالم هو. هروڀرو ماڻهو مارائي بي ڪفنا پورائي ڇڏيندو هو، نيٺ بيمار ٿي پيو پٽ کي چيائين بابا تون اهڙا ڪم ڪجان جو ماڻهو منهنجي ساراهه ڪن .پٺ چيس حاضر بابا! بادشاهه جي مرڻ کانپوءِ پٽ بادشاهه ٿيو تنهن هروڀرو ماڻهو مارائي بي ڪفنا دفن ڪرائڻ شروع ڪيا پر هر لاش کي پٺي ۾ ڪلو هڻڻ جو آرڊر ڏنائين. انهي تي ماڻهو اڳئين بادشاهه جي تعريف ڪرڻ لڳا ته اهو سٺو بادشاهه هو گهٽ ۾ گهٽ پٺي ۾ ڪلو ته ڪونه هڻندو هو. اهڙي نموني پڻس کي ساراهه ٿيڻ لڳي. سو منهنجي حڪومت ۾ جيڪو مهانگائي جو طرفان کڙو ٿيو ته ماڻهو نواز شريف ۽ زرداري حڪومت جي تعريف ڪرڻ لڳا.
نئين بجيٽ کانپوءِ شين جا اگهه ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويا، مون وارا اعلان اڻ پورا رهجي ويا. ماڻهن جا ٻچا بک مرڻ لڳا ته عوام جو طوفان اٿي پيو، منهنجي سڄي سيڪيورٽي لتاڙي، ڪروڙين ماڻهن ٻني مون لا واري منهنجي بنگلي تي ڪاهه ڪئي. مون کي جهلي اهڙا ڌڪ هنيائون جو مون زرودار رڙيون ڪيون. رڙين جو آواز ٻڌي طوطن ماءُ مونکي ننڊ مان اٿاري پڇيو مئا وري ڇا ٿيو؟ چيو مانس خواب ۾ آءٌ بادشاهه ٿي ويو هئس. منهنجي بادشاهي ۾ ايتري مهانگائي ٿي وئي هئي جو عوام مون سان وڙهڻ لاءِ اچي پهتو، ڌڪ پئي هنيائون ته مون رڙيون پئي ڪيون، چڱو جو تو اچي اٿاريو نه ته منهنجا لاهه نڪري وڃن ها. طوطن ماءُ چيو چڱو چڱو هاڻي اٿي صبح ٿي ويو آهي. گهر ۾ اٽو، کنڊ، پتي، کير ۽ ڀاڄي ڪونهي، بازار مان وٺي اچ. آئون هٿ منهن ڌوئي سامان وٺڻ ويس. سامان جا اگهه ٻيڻ تي ٿي ويا هئا، دڪاندارن کي چيم ابا ايترا ٻيڻا اگهه ڇو ڪيا اٿو! چيائون، اسان جو ڏوهه ڪونهي هي سڀ نئين پاڪستان ۾ نئين بجيٽ جو ڪمال آهي. اهو ٻڌي مون غريبن جو جيئڻ جنجال ڪندڙ حڪمران لاءِ لطيف جو هي بيت پڙهيو:
متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،
جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا. شاهه