قصو عيد جي خريداري ۽ منهنجي خودڪشي جو!

0
463

ڀلارو ۽ برڪتن ڀريو ماهه رمضان به خيرن جو اچي پڄاڻي تي پهتو. اسان غريبن جي نصيب ۾ مهانگائي ۽ مهمانن جي آمد جي برڪت مٿي ۾ لڳي. مزدوري جي جيڪا ٽي چار سئو ڏهاڙي ملندي هئي سا به ڪورونا لاڪ ڊائون جي لت هڻي ڦٽائي ڇڏي. باقي فروٽ وارن، ڪپڙن ۽ جتين جي دڪاندارن، درزين، ڪاساين، فقيرن ۽ حجامن جي ڪاروبار ۾ ايتري برڪت آئي جو ريٽ ٻيڻا ٽِيڻا ڪري انهن پاڪستاني ڪرنسي سان پنهنجا ڪٻٽ ڀري ڇڏيا. مون عيد جي خريداري لاءِ پنهنجي دادلي ڪن ڪيٽي ڇيلي وڪڻي جيڪي پئسا ٽاريا هئا . سي سيکاٽ مان آيل ساليءَ ۽ سرهاڙي مان آيل سالي صابو ۽ سندن ٻارن جي لوڌن تي خرچ ٿي ويا. اوڙي پاڙي وارن عيد جا نوان ڪپڙا ۽ جتيون ورتيون ته طوطن ۽ طوطن ماءُ به مون کي انهن لاءِ اچي تپايو. مون وٽ مالي حالت صفا حرف جري هجي. سڃ سلالا ۽ ڀينگ ڀلالا لڳي پئي هجي. کيسي ۾ رڳو جُئين جا احتجاج، ڌرڻا ۽ لانگ مارچون هجن. سو کين سڀاڻي پرهين جا ليکا ڏيئي پئي ٽيم پاس ڪيم. نيٺ رمضان شريف جو آخري جمعو گذريو ته طوطن ماءُ ڇتي ٿي پئي. گهر ۾ روز بلوا، بغاوتون، جهيڙا، ڄنڊا پٽ، مياڻي ۽ پاڻيپٽ جون لڙايون شروع ٿي ويون. انهي دوران وري مونواري سس سڳوري ماسي ناٿي نانگڻ روزاني ٽرڪي جون ٽينڪون، تبرن جون توبون، بڙ بڙ جون بندوقون، ڪيني جا ڪارتوس، گلا جون گنون ۽ ٻئي خطرناڪ اسلحي جون تازيون ڪمڪون لوڙهي تان ٽپائي موڪليندي هئي. اهڙي ذليل زندگي کان بهتر هو ته آئون هن دنيا ۾ ئي نه هجان مون خودڪشي جو فيصلو ڪيو ۽ کٽ مان واڏڻ ڪڍي جهنگ منهن ڪيم. اتي هڪ ٻٻر جي ٽار ۾ رسو ٻڌ ڦاهو ٺاهي، ڳچي ۾ وجهي کڻي آ ڪيم ابا واڏڻ جو رسو ڪو ايوب جي دور ۾ 1965ع ڌاري ڏاڏا سائين ورتو هجي سو ٽٽي پيو ۽ آئون زنده سلامت پيرن ڀر ايئن اچي پٽ تي بيٺس جهڙو سانوڻ فقير جي ميلي ۾ ملهه کٽي هجيم. پوءِ مون الله جا شڪر ادا ڪيا جو مري ڪو نه ويس. طوطن ماءُ صحيح چوندي آهي ته مئا تو ۾ ڪتي جو ساهه آهي تون ڪڏهن ڪو نه مرندين! سوچيم جي آئون مري وڃان ها ته جهنگ ۾ ٽنگيل لاش ڌپ ڪري وڃي ها، طوطن ۽ طوطن ماءُ هميشه لاءِ رلي وڃن ها. مون کي طوطن ۽ طوطن ماءُ جا ادا س۽ معصوم لٿل چهرا ياد اچي ويا. فيصلو ڪيم ته خودڪشي جاهل، بزدل ۽ بيوقوف ماڻهو ڪندا آهن.
ڏاها، ارڏا ۽ باهمت ماڻهو جيئرو رهي حالتن جو مقابلو ڪري، محنتون ڪري، سرخرو ٿيندا آهن. آئون ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکي گهر موٽي آيس. طوطن ۽ طوطن ماءُ کي سيني سان لڳائي خوب پيار ڪيم ۽ کين ٻئي ڏينهن عيد خرداري ڪري ڏيڻ جو پڪو واعدو ڏنم. اسان جي پاڙي کان ٿورو اڳتي ٻئي پاڙي جي عاليشان بنگلي ۾ واپڊا جو هڪ وڏو آفيسر حاجي عبدالستار رهندو هو. ان وٽ لڙي ويس. کيس پنهنجي دکدائڪ زندگي جو درد ناڪ داستان ٻڌائي روئي پيس ۽ کيس نوڪري لاءِ منٿ ميڙ ڪيم. کيس مون تي رحم اچي ويو. چيائين سرڪاري نوڪري ته ڪنهن به سرڪاري آفيسر جي وس ۾ ڪانهي باقي تون خانگي طور منهنجي گهر ۽ آفيس ۾صفائي سٿرائي ۽ جيءَ حضوريءَ ڪندين ته توکي ماهوار کيسي مان پگهار ڏيندس. اهو ٻڌي آئون ٺري پيس. کانئس پنج هزار عيد ايڊوانس وٺي مون طوطن ۽ طوطن ماءُ کي عيد جا ڪپڙا، جتيون، ميڪ اپ جو سامان پرس ۽ سڳيون وغيره وٺي ڏنيون، گهر جو سيڌو سامان به ورتو ته پوءِ گهر ۾ بهارون موٽي آيون. اسان ۾ ڄڻ شملا ٺاهه ٿي ويو. جڏهن گهر ۾ امن امان بحال ٿي ويو ته مونواري سس سڳوري ماسي ناٿي نانگڻ سڙي ڪوئلو ٿي وئي. آئون حاجي صاحب وٽ نوڪري سان لڳي ويس. صفائي سٿرائي، جيءُ حضوري ۽ چمچاگيري اهڙي ٽاپ ڪلاس جي ڪيم جو حاجي صاحب کي وڻي ويس. حاجي صاحب سنڌ جو واپڊا جو وڏو آفيسر هو. سندس پگهار ته پنجاهه سٺ هزار هو باقي مٿان جي ڪمائي ماهوار ڪروڙن جي هئس. انهي ڪمائي مان هن شهر جي پوش ۽ مهانگي علائقي ۾ ٻن ايڪڙن تي مشتمل عاليشان ٻه ماڙ بنگلو ٺهرايو هو ۽ بنگلي جي نراڙ تي “هذا مِن فضل ربي” لکرايو هو. بنگلي ۾ آوت ۽ جاوت لاءِ ٻه وڏا گيٽ لڳل هئا. ٻنهي تي رات ڏينهن حفاظت لاءِ سيڪيورٽي گارڊ بيٺل هئا. بنگلي ۾ هيٺ مٿي 22 ڪمرا هئا. ڊائنگ روم، ٻه سئو مهمان ويهارڻ جي گنجائش هئي. سڀني ڪمرن ۾ عاليشان امپورٽيڊ فرنيچر هو. عاليشان گل، تصويرون، فريم الائي ڇا ڇا هو. عاليشان وڏو آمريڪن ڪچن. هر ڪمري کي اٽيچڊ باٿ روم هو. اڳيان 50 گاڏين جي پارڪنگ ايريا هئي ان جي اڳيان ايڪڙ کن جو خوبصورت باغيچو هو ان ۾ هر قسم جا گل، ميويدار وڻ، جهولا، ترڪڻيون ۽ سوئمنگ پول به هو. تنهنجي اڳيان وري سرونٽ ڪوارٽر ۽ صاحب جي کير پيئڻ لاءِ ڀلين مينهن ۽ ڍڳين جو واڙو هو. گهر ڪو نه هو ڪو جنت جو محل هو.  صاحب جو وڏو پٽ حاجي عبدالغفار هو. جنهن کي به صاحب واپڊا ۾ نوڪري وٺرائي ڏني هئي جيڪو صاحب جو پي اي هو ۽ اوڳاڙيون سندس ذمي هيون. علائقي جا ايس ڊي او ۽ لائين مئن، وڏين هوٽلن، خانگي اسپتالن، پيٽرول پمپن، گيسٽ هائوسن، وڏن بنگلن، وڏين خانگي آفيسن ۽ مال جي مرڪزن جي وڏن بلن ۾ ڪٽوتي ڪري منٿليون وصول ڪندا هئا. ان مان 12 آنا صاحب کي ملندا هئا، چار آنا اهي پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا. صاحب کي ماهوار ٻه ٽي ڪروڙ ملي ويندا هئا. ان رقم مان صاحب ڪيئي حج ڪيا هئا. خيراتي ادارن کي چندا ڏنا هئا ۽ گناهه معاف ڪرائڻ لاءِ صاحب هر سال عمرو به ڪري ايندا هئا. عمري کانپوءِ وڏي خيرات به ڪندا هئا جنهن ۾ غريب هڪ به ڪو نه هوندو هو. وڏا آفيسر، ڪامورا ادارن جا سربراهه ۽ سرڪاري امير وزير ايندا هئا. صاحب ٻيون نمازون ته ڪو نه پڙهندو هو باقي جمعي نماز باقاعدگي سان ادا ڪندو هو. جمعي نماز کانپوءِ مسجد جي ملان کي اٺ ڏهه هزار خرچي به ڏيئي ايندو هو. جيڪو سڄو هفتو کيس مرد مومن، سخي مرد، تقويٰ ۽ صوم صلوات جي پابند  هئڻ جون فتوائون پيو جاري ڪندو هو.
هيل سال ته ڪورونا جي ڪري عمري شريف تي پابندي هئي پر حاجي صاحب وڏي رقم رشوت ۾ ڏيئي الائي ڪيئن اٽڪلون ڪري عمرو ڪري آيو. واپس اچڻ کانپوءِ به صاحب عربن وار جبو مٿي تي نوڙ ٻڌل امامو ڪو نه لاٿو. دعوت ڪيائين، ڪيئي امير وزير اچي لٿا ڪيئي طعام تيار هئا. دعوت جو نالو افطار پارٽي هو. طعامن جي وڌ منهنجي حوالي هئي. مون ور ۾ شاپر هنيا ۽ طوطن کي به گڏ وٺي ويس. وڌ دوران، برياني، ٻوٽيون، چڪن تڪا قلعي ۾ ويڙهيل ڪباب، بنا ڪنڊي واريون مڇي جون ڳڀيون ۽ مٺا شاپرن ۾ ويڙهي، لڪائي طوطن کي پئي ڏنم. اهو گهر کڻيو پئي ويو. گهڻي وقت کانپوءِ ٿر جي ڀٽن وانگر ويران  ٿيل اسان جي فرج ۾ وري رونقون موٽي آيون. فرج چڪار ٿي ويو. سوچيم اسان جي عيد هيل واهه جي ٿيندي . بنگلي جي مٿان بيٺل صفائي ڪندڙ ماسي ميران منهنجي چوري جون وارداتون ڏسي ورتيون تنهن اتان کان ڪلام ڳايو “بڙي بي درد هين يي بنگلي والي يهان سي  طعام چراني کي ڪوشش نه ڪرنا!” جواب ڏنو مانس “ڪڀي ڪڀي ميري دل مين يه خيال آتا هي، ڪي اميرون ڪي محفل مين هم غريب ڀي ڪجهه کا سڪين!” سندس وات بند ڪرڻ لاءِ مون کيس چوري هڪ برياني ۽ هڪ چاشني جي شاپر ڏني جيڪا هن باٿ روم جي ڇت تي لڪائي رکي ڇڏي. دعوت خيرن جي پوري ٿي. رات جو الائي ڇو مون کي رهچٽو ٿيو، مون ماسي ميران واريون لڪايل ٻئي ٿيلهيون کڻي طوطن هٿان گهر موڪلي ڇڏيون. ماسي ميران وڃڻ وقت باٿ روم، جي ڇت تي هٿوراڙيون هنيون ته ڪاري وارا ڪک ڏسي ڏک ۾ ڪلام ڳائڻ لڳي.“ اڪ لوسي نوڪر ميري برياني لي گيا، جاتي جاتي ميٺا ميٺا شاپر ڀي لي گيا!” جواب ڏنومانس “يه برياني اور حرام ڪا ميٺا، تيري ڪام ڪا نهين تيري ڪام ڪا نهين!” بحرحال ٻئي ڏينهن سوير حاجي صاحب مون کي عاليشان ويگو گاڏي صاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مون گاڏي چمڪائي ڏني ته صاحب اڳيان اچي ويٺو سندس پي اي پٽ حاجي عبدالغفار گاڏي جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو مو نکي پويان ويهاريائين. آفيس پهتاسين. اهو آخري ڏينهن هو ٻئي ڏينهن کان عيد جون موڪلون هيون. صاحب اوڳاڙي لاءِ سڀني ماتحت ايس ڊي اوز ۽ لائين مئنن کي گهرايو هو. مون کي سڀني جي خدمت لاءِ چيو ويو. مون کين چانهه پاڻي بامبي بيڪري جا ڪيڪ، پيسٽريون ۽ ٿڌي جا ٽن پياريا. آئون حيران ٿي ويس ته خيرن جا سڀ مون وانگر بي روزائتا هئا. پوءِ اوڳاڙي جو ڪم شروع ٿيو. صاحب جي ٽيبل پئسن سان ڀرجي وئي. سندس پٽ هڪ ڪاپي ۾ منٿلي ڏيندڙ همراهه جو نالو ۽ رقم لکندو پئسا بيگن ۾ وجهندو ويو. هڪ ايس ڊي او ۽ ٽي لائين مئن ڪو نه پهتا هئا کين فون ڪيا ويا. نيٺ گاڏي تي ماڻهو موڪلي کين گهرائي ڇنڊ پٽي وئي. کانئن به اوڳاڙي ٿي. آخر ۾ سڀ حساب ٿي ويو صاحب جون ٽي وڏيون  بيگون پئسن سان چڪار ٿي ويون. صاحب سخي حاتم طائي بنجي پئسن جي ڍير مان ٻه هار ڪڍي مون کي خرچي به ڏني. مون ٽئي بيگون کڻي ويگو گاڏي ۾ رکيون. ماتحت عملو صاحب کان موڪلائي وڃڻ لڳو. آخر ۾ حاجي عبدالستار پنهنجي پٽ، پي اي حاجي عبدالغفار کي گهرائي چيو سڀ اوڳاڙي ٿي وئي آهي پٽ! پٽس چيو جي بابا سائين! سڀ اوڳاڙي ٿي وئي آهي. ڪل گهڻي رقم ٿي آهي. بابا سائين ٻه ڪروڙ ٽيويهه لک اٺهتر هزار ستاويهه سئو پنجاهه رپيا! پٽس رقم ٻڌائي ته حاجي صاحب منهن تي هٿ ڦيري چيو شڪر الحمد الله پٽ! هاڻ جلدي ڪر هلون جمعي نماز جو ٽايم ٿيڻ وارو آهي پاڻ ٻنهي کي ڌڻي جي در هر حال ۾ پڄڻو اهي. اهو لقاءُ ڏسي مونکي شاهه سائين جو هي بيت ياد اچي ويو.
منهن ۾ موسيٰ جهڙو اندر ۾ ابليس،
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏيئين! (شاهه)