جيڪب آباد (رپورٽر) قصور ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل ڪرپال داس، سندس پٽ سني ڪمار ۽ ناٺي وشال ڪمار جا لاش جيڪب آباد پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،  ڪرپال داس ۽ سندس پٽ سني ڪمار جون آخري رسمون گهر ۾ ادا ڪرڻ کانپوءِ جيڪب آباد ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو، جڏهن ته ناٺي وشال جو مڙهه جيڪب آباد کان خيرپور منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته پنجاب جي شهر قصور جي صدر ٿاڻي تي بيهوش ٿيل ننڍي پٽ ستيش ڪمار جي فرياد تي جوابدار عثمان، الھڏتو ۽ جاويد خلاف داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسان عثمان ۽ الهڏتو جي اوطاق تي پهتاسين ته عثمان اسان کي جاويد نالي شخص کان مڇي گهرائي ڏني، جيڪا کائڻ بعد آئون بيهوش ٿي ويس، منهنجو پيءُ ڪرپال داس، ڀاءُ سني ڪمار ۽ ڀيڻيوو وشال ڪمار فوت ٿي ويا، پوليس ٽن ڄڻن محمد عثمان، الھڏتو ۽ جاويد  کي گرفتار ڪري ورتو. قصور جي صدر ٿاڻي جي ايس ايچ او ميان جاثيم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽنهي ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرايا ويا آهن، جيڪي نمونا ليبارٽري اماڻيا ويا ابتدائي جاچ مان لڳي ٿو ته ٽنهي ڄڻن جي موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو وڌيڪ جاچ جاري آهي.