قصور ۾ جيڪب آباد واسي 3 ڄڻن جي پراسرار فوت ٿيڻ واري واقعو جو ڪيس داخل

0
180

قصور ۾ جيڪب آباد واسي

جيڪب آباد (رپورٽر) قصور ۾ جيڪب آباد واسي اناج جي واپاري ڪرپال داس جي پٽ ۽ ناٺيءَ سميت پراسرار طور فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

فوتي ڪرپال داس جي پٽ ستيش ڪمار قصور جي صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي

ايف آءِ آر ۾ ستيش ڪمار چيو آهي ته واپاري عثمان وٽ رات ترسڻ دوران اسان کي مڇي کارائي وئي، جنهن بعد مان بيهوش ٿي ويس

هوش ۾ اچڻ تي خبر پئي ته والد، ڀاءُ ۽ ڀيڻيوو فوت ٿي چڪا آهن، ٽنهي فوتين جا مڙهه آخري رسمن لاءِ جيڪب آباد پهچايا ويا

هي به پڙهندا

قصور ۾ جيڪب آباد واسي 3 ڄڻا ڪمري اندر گئس ڀرجڻ سبب فوت