جنيوا(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف پاڪستان کان ڊالر جو اگهه مارڪيٽ موجب ڪرڻ ۽ هٿراڌو پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب جنيوا ڪانفرنس جي سائيڊ لائن تي آءِ ايف جي وفد جي سربراهه ناٿن رپورٽر سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪئي. جنهن ۾ آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام بابت ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو ته پاڪستان ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ مارڪيٽ موجب ڪري، ايڪسچينج ريٽ تي هٿراڌو پابندي ختم ڪري. پاڪستان کان 30 جون 2023ع ائين پيٽروليم ليوي 855 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو پلان طلب ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ ڊيزل تي ليوي 32.5 رپيا وڌائي 50 رپيا ليٽر ڪرڻي پوندي. گيس جو 1500 ارب جو گردشي قرض ختم ڪرڻو پوندو. بجلي جو في يونٽ 3.5 رپيا مهانگو ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. ناڻي  واري وزارت جي پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪستان کي کي سامهون آيل معاشي چئلينجن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ناڻي واري وزير قرض پروگرام تي عمل ڪرڻ جو عزم ورجايو. آءِ ايم ايف وفد سان موسمياتي تبديلي جي علائقائي ۽ اقتصادي چيلنجز تي ڳالهوين ڪيون. اسحاق ڊار عالمي بينڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ بينڪ جي جاري منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن ٻوڏ بعد سهڪار تي بينڪ جا ٿورا مڃيا.