حيدرآباد: قرت العين عرف عيني بلوچ جو فريادي ڀاءُ اسد الله بليدي ٻيلي کاتي جو ملازم آهي. قرت العين کي ٻن نياڻين ۽ ٻن پٽن سميت چئن ٻارن جو اولاد آهي جيڪي هاڻي پنهنجي ناناڻن وٽ رهن ٿا. قرت العين جي سڀ کان وڏي نياڻي 7 سالن جي رامين زهره، ٻئي نمبر تي سندس 5 سالن جو پٽ شاهزين به امڙ جي قاتل والد کي موت جي سزا ملڻ واري معاملي تي خوش نظر آيا.