اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن بابت بيان ڏيڻ تي ترجمان هٽائڻ کانپوءِ نئين ترجمان جي مقرري ڪئي وئي، قرت العين فاطمه کي ترجمان اليڪشن ڪميشن مقرر ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ترجمان هارون شنواري کي اسيمبلين مان استعيفائن بعد چونڊن بعد بيان تي هٽايو ويو هو.