قديمي آثار “ليلان جا آتڻ” کي ميسارجڻ کان بچايو وڃي

0
366
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

عبدالرحمٰن چانگ ڪرونڊي مان لکي ٿو

ڏٺو وڃي ته سنڌ صدين کان آهي ۽ هن سنڌ ۾ ڪيترائي قديمي شاهڪار آثار آهن زماني جي لاهين چاڙهين جو شڪار ٿيل وسندين، ماڳن، مڪانن، شهرن ۽ کنڊرن کي “آثار قديمه” سڏيو وڃي ٿو. قديمي آثارن، ماڳن توڙي ٻين شين جي تاريخ معلوم ڪرڻ ضروري هوندي آهي. خاص طور تي ماڳن جي کوٽائيءَ مان لڌل شين ۽ لکتن جو خصوصي طور تي مطالعو ڪيو ويندو آهي جنهن مان ان جي تاريخ جي خبر پوندي آهي. جتي پوري سنڌ ڪيترن ئي تاريخي ماڳن سان ڀريل آهي اتي خيرپور ضلعي جي فيض گنج تعلقي جي اڪري ٿاڻي جي حد ۾ موجود آثار قديمه “ ليلان جا آتڻ ”جيڪو پنهنجي دور جو هڪ حسين ۽ شاهڪار شهر به رهيو جتان اڄ کان هزارين سال پراڻا قديم آثار۽ نشان ملن ٿا جنهن تي جرمني جي يونيورسٽي ۾ تحقيق ڪري انهي کي نروار ڪيو ويو ان کان علاوه شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي شعبي جي شاگردن جون هن سائيٽ کي وڌيڪ روشناس ڪرڻ لاءِ تحقيق هلي پئي ۽ ماسٽرز ليول جون ٿيسز پڻ لکيل آهن. ليلان جي آتڻ جي 1980/1981ع ۾ ثقافت کاتي طرفان کوٽائي پڻ ڪرائي وئي. هي قديمي آثار جيڪو پهريان 250 ايڪڙن تي مشتمل هو جنهن جو ذڪر ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڻ آيل آهي پر هتان جي با اثرن آهستي آهستي آبادي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ليلان جي آتڻ جي ايراضي تي قبضو ٿيندو ويو ۽ باقي وڃي چند ايڪڙ ايراضي تي اهو آتڻ رهيو، جڏھن ته 2010ع ۾ ثقافت کاتي کي وري هن ماڳ جي ياد آئي ۽ ثقافت کاتي طرفان هن ماڳ کي بچائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي جنهن کي ڪم سونپيو ويو ته اها ڪاميٽي تاريخي ماڳ “ليلان جي آتڻ” جو جائزو وٺندي ايراضي جي ماپ ڪري ثقافت کاتي کي لکت ۾ ڏيندي پر وري به اهو ئي ساڳو ڪم ٿيو، ڪاميٽي صرف ڪاميٽي رهي جنهن ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. فيض گنج تعلقي جو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ تاريخي ماڳ ليلان جو آتڻ (ٺڪراٺو) جيڪو اڪري چودڳي لڳ پڪا چانگ لاکا روڊ روڊ لنڪ روڊ تي واقع آهي. هي تاريخي ماڳ ٻن ضلعن خيرپور ۽ نوشهرو فيروز ۽ ٽن تعلقن فيض گنج ،ٺري ميرواهه، محراب پور تعلقي تي مشتمل آهي هتي برسات کان پوءِ رانديڪا، سڪا، ڪپڙي جا ٽڪرا، اناج ٺڪر ۽ ٻيون تاريخي شيون ملنديون رهيون آهن هتان مقامي ماڻهو پڪيون سرون ڪڍي پنهنجا گهر ٺاهيندا آهن ۽ ھن دڙي کي کوٽي گهڻن ماڻهن زمين آباد ڪري ڇڏي آهي، ڪنهن دور ۾ هتان سنڌو درياهه وهندو هو جنهن جو ذڪر سنڌ جي مشهور تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي. هن تاريخي دڙي جي کوٽائي مان ڪو دفن ٿيل تاريخي شهر يا سنڌو درياهه جو بندرگاهه جا اهڃاڻ ملي سگهن ٿا. ٻڌايو پيو وڃي ته هن دڙي جي ساڄي پاسي سنڌو درياهه جي هن پار موهن جو دڙو به موجود آهي. مقامي ماڻهو هن دڙي کي جنن جو آستان چون ٿا جڏھن ته لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي جي ٽيم 2 ڀيرا هن دڙي جو معائنو ڪري چڪي آهي تنهن باوجود هن دڙي جي حفاظت لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. هاڻي تازو ئي ٻن ڏينهن کان وٺي هن دڙي تي با اثرن قبضو ڪري زمين تي هر وهائڻ شروع ڪري ڏنا آهن جنهن سان فيض گنج تعلقي جو هي تاريخي ماڳ ميسارجي رهيو آهي. هاڻ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته ثقافت کاتي کي گهرجي ته هن تاريخي ماڳ کي ميسارجڻ کان بچائي ۽ پنهنجي زميواري پوري ڪري .