ميرپورخاص/نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) ميرپور خاص ڊويزن ۾ پراڻ ندي ۽ ھاڪڙي درياهه سميت سمورن ڍورن، ڇنڊڻين، ڪڙن ۽ پراڻن واھن سميت مڙني قدرتي لنگهن جي زمينن جون ڏنل ليزون ۽ گرانٽس سنڌ ايرگيشن ترميمي آرڊينينس 62 سي تحت رد ڪرڻ بعد انهن تي ٿيل قبضن جي نشاندھي ڪري نقشن سميت رپورٽ ستن ڏينھن اندر ڏيڻ لاءِ ڪمشنر ميرپور خاص ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي ليٽر جاري ڪيو ھو پر رپورٽ مڪمل ناهي ڪئي وئي، جنهن بعد ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ٻيھر اربع ڏينهن گڏجاڻي طلب ڪئي آهي، جنهن بعد قدرتي لنگهن تي قبضا ڪندڙن سميت آبپاشي کاتي جي ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي، ذريعن موجب ڪمشنر پاران 12 آڪٽوبر تي جاري ڪيل ليٽر ۾ ھڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي پر ان جي باوجود رپورٽ مڪمل ناھي ڪئي وئي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال نعيم ميمڻ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته رپورٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي اربع ڏينهن طلب ڪيو آهي، رپورٽ اچڻ بعد اختيارين کي موڪلي ويندي، لاڳاپيل سمورن ادارن پاران قدرتي لنگهه بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.