حيدرآباد: قرت العين عرف عيني بلوچ پنهنجي مڙس عمر ميمڻ سان گڏ بئراج ڪالوني ۾ رهائش پذير هئي. سندس مائٽ قاسم آباد جي نقاش ولاز واري علائقي ۾ رهائش پذير آهن. زال جو قتل ڪيس داخل ٿيڻ بعد عمر ميمڻ وڪيل معرفت عدالت ۾ ضمانت لاءِ به رجوع ڪيو. سندس وڪيل بچاءُ ۾ اهي دليل به ڏنا هئا ته قرت العين عرف عيني بلوچ مڙس عمر ميمڻ جي تشدد ۾ فوت نه ٿي هئي ۽ ڄاڻايل واقعو سندن گهر ۾ ڦر دوران پيش آيو هو. قرت العين عرف عيني بلوچ ڪيس ۾ سندس نياڻي رامين زهره اکين ڏٺي شاهد هئي، جنهن تفصيلي بيان رڪارڊ ڪرايو هو پر جوابدار پاران ڪنهن به شاهد نه ئي بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ نه ئي وري انهن پاران ڪنهن شاهد کي عدالت ۾ به پيش ڪيو ويو. ڄاڻايل ڪيس 17 مهينا 27 ڏينهن عدالتن ۾ هليو. 17 ڊسمبر تي عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو 24 ڏينهن بعد ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.