قبوسعيدخان (ن پ ا) قبوسعيدخان ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پگهارن مان ڪٽوتي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي خان محمد مگسي، عبدالحميد مگسي، گل حسن مگسي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ٽي ايم دلمراد مگسي جڏهن کان قبي سعيدخان شهر ۾ ٽي ايم او مقرر ٿي آيو آهي، تڏهن کان ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ٿي رهي آهي. هنن چيو ته ملازمن کان هر مهيني 3 کان 5 هزار ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.