قبوسعيدخان (ن پ ا) قبو سعيد خان ويجهو بلوچستان جي ضلع جهل مگسي گنداواه لنڪ روڊ تي هٿياربندن پاران گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ نواب ولد رسول بخش ڀٽي جي نالي سان ڪئي وئي. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش جهل مگسي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته مقتول ڳوٺ ڀٽي ڪوناڙه جو رهواسي هو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.