اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي آئين جي آرٽيڪل 228 تحت صدر اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ خالي پيل 12 عهدن تي مقرري جي منظوري ڏني، قبلا اياز کي هڪ ڀيرو وري اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر عمير محمود صديقي، پير ابوالحسن محمد، محمد حسن حسيب الرحمان، درالحقانيه جي مولانا حميد الحق حقاني، محمد حسين اڪبر، سيد ضيا شاهه بخاري ، پيزاد جند امين، حافظ طاهر اشرفي، مفتي محمد زبير، سيد محمد حبيب عرفاني، مولانا نسيم علي شاهه کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آھي.