جارجيا (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ هاڻي ڪنهن کي به قبضي ٿئي ته ان کي وائبريشن وارو ڪيپسول کائڻ گهرجي! جي ها! پراڻو قبض ڪيترن ئي مرضن جو سبب بڻجندو آهي ۽ هاڻي ماهرن ان جي علاج لاءِ ڪنهن دوا کانسواءِ وائريشن ڪندڙ ڪيپسول ٺاهيو آهي جيڪو قبض کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي ٻيڻو ڪري تڪليف ختم ڪري ٿو. جنرل آف گيسٽراينٽرولاجي ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب ميڊيڪل ڪاليج آف جارجيا ۽ آگسٽا يونيورسٽي جي شعبي جي ماهرن هڪ انچ ڊگهو ڪيپسول ٺاهيو آهي جيڪو پيٽ ۾ وڃي وابريٽ ڪري ٿو. ماهرن چيو آهي ته اهو ڪيپسول 90 مرڪزن تي 300 ڄڻن تي آزمايو ويو آهي هي ڪيپسول پلاسٽڪ کان پاڪ آهي جنهن کي آرام سان ڳهي سگهجي ٿو.