ڪراچي: سنڌ جي  مختلف ضلعن ۾ قبضن جي خاتمي لاءِ اڳوڻي چيف سيڪريٽري پاران ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾  جوڙيل ڪاميٽين کي فعال ڪرڻ جو فيصلو، ان حوالي سان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ قبضن، پاڻي چوري ۽ غيرقانوني عمارتن خلاف آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ صوبي جي ٻين ضلعن حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر، گھوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور، بدين، عمرڪوٽ، خيرپور، نوشهروفيروز، مٽياري، شهيد بينظيرآباد، دادو، ڄامشورو ۽ ٻين ضلعن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويندو. ڄاڻايل آپريشن لاءِ اڳوڻي چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ پاران سيپٽمبر 2021ع ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪاميٽين کي موجوده چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت فعال بڻائي ڇڏيو آهي، ڄاڻايل ڪاميٽين ۾ پوليس، آبپاشي سميت ٻين کاتن جا مقامي آفيسر شامل آهن.