سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ آبپاشي کاتي زمين تي قبضن بابت ڪيس ۾ متاثرن کي مهلت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، 2 ڏينهن اندر سامان کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته زمين ليز تي ڏيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڇو نٿا ڪريو؟. توهان انڪوائري شروع ڪيو، اسان حڪم ڏينداسين، اي جي سنڌ طرفان رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب، عدالت اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته اڏاوتن بابت جڊيشل آفيسرن جي رپورٽ ڏٺي اٿئو، سنڌ حڪومت ۽ جڊيشل آفيسرن جي رپورٽ ۾ واضح فرق آهي ، عدالت جو اي جي سنڌ کي جڊيشل آفيسرن جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.