حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي عوامي شڪايتن تي پوليس پوسٽ ايئرپورٽ جي انچارج انسپيڪٽر مظهر حسين سومرو کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي عبدالسلام شيخ سندس جاءِ تي رفيق الحسن کوکر کي پوليس پوسٽ ايئرپورٽ جو انچارج پڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته انسپيڪٽر مظهر حسين سومرو کي علائقي ۾ قبضا مافيا سان مبينا ملي ڀڳت ڪري شهرين جي پلاٽن تي قبضن ۽ علائقي ۾ وڌندڙ سماجي براين جي الزامن هيٺ معطل ڪيو ويو آهي.