قبرستان ۾ عورت جو انساني ڍانچي سان رقص:خوفناڪ تصويرون وائرل

0
874

لنڊن(دلچسپ نيوز) قبرستان ۾ عورت کي انساني ڍانچي سان رقص ڪندي ڏٺو ويو، خوفناڪ تصويرون وائرل ٿي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انگلينڊ جي قديم هل نالي قبرستان ۾ هڪ عورت کي انساني ڍانچي سان گڏ رقص ڪندي ڏٺو ويو، قبرستان ٻاهران گذرندڙ ماڻهن عورت جون رقص واريون تصويرون ڪڍي وائرل ڪري ڇڏيون، تصويرون ۾ عورت کي ڪريم رنگ واري راهبا جو گائون ۽ اسڪارف پاتل ڏسي سگهجي ٿو، عورت کي ظاهري طور هڪ ڪتي جهڙي نظر ايندڙ ڍانچي سان کيڏندي به ڏسي سگهجي ٿو، تصويرون وائرل ٿيڻ بعد شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو جڏهن ته  حڪومت کان جاچ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان شهرين خابرو اداري کي ٻڌايو ته عورت کي ڪيترن ئي منٽن تائين ڍانچي سان رقص ڪندي ڏٺو هو مطمئن ۽ خوش نظر پئي آئي. ان دوران ماڻهن جي موجودگي به سندس ان عمل ۾ رڪاوٽ وجهي نه سگهي. جڏهن ته اڃا تائين اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته ان عورت جي ڍانچي سان رقص پٺيان ڪهڙي حقيقت آهي.