ايم اسحاق بوزدار شھدادڪوٽ مان لکي ٿو

سنڌ ڌرتي صوفين درويشن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي سنڌ امن پيار ۽ محبت جو گھوارو ھميشه رھي آهي گهڻي وقت کان سنڌڙي کي ڪنهن جي نظر لڳي آهي جو اتان امن امان ۽ ڀائيچارو وڃي ٿو ختم ٿيندو. 1990ع جي ڏھاڪي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جنهن ۾ شڪارپور ،گھوٽڪي، ڪنڌ ڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن ۾ قبائلي جھيڙا چوٽ چڙهيل هئا، انهن قبائلي جھيڙن ۾ ھزارين بيگناھه ماڻهن جو رت وھايو ويو ھو . گھوٽڪي ضلعي ۾ بوزدار ۽ مھر قبائلي تڪرار، لنڊ بوزدار قبائلي تڪرار ،پتافي ۽ لنڊ قبائلي تڪرار 10 سالن تائين ھليا. شڪارپور ضلعي ۾ بروھي ۽ مارفاڻي قبائلي تڪرار، جتوئي ۽ مھر قبائلي تڪرار، ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور ۾ جکراڻي ۽ بروھي قمبرشھدادڪوٽ ضلعي ۾ مستوئي ۽ سومرا قبائلي تڪرار، مگسي ۽ چانڊيا تڪرار گھڻو وقت تائين ھليا جن ۾ سڀني جھيڙيندڙ قبائلي ڌرين جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ھو. قبائلي جھيڙن سنڌ کي مڪمل طور معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو ھو. قبائلي جھيڙن سنڌ جا ھزارين ويڙھا ويران ڪري ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيا ھئا. سنڌ ۾ جڏهن پي ايس پي ۽ سي ايس ڪميشنڊ پاس ايس ايس پي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مقرر ٿيا ته انهن ڪميشنڊ پاس ايس ايس پيز کي اھو ٽارگيٽ ڏنو ويو ھو ته سڀ وسيلا ڪتب آڻي ناسور بڻجي ويل قبائلي جھيڙا مڪمل طور ختم ڪيا وڃن. ڪميشنڊ پاس ايس ايس پيز ايمانداري سان ڪوششون ڪري مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ قبائلي جھيڙن تي ڪنٽرول ڪري تقريبن انهن کي پاڙان ئي پٽي ڇڏيو هو . 20 سالن کان پوءِ ھڪ دفعو ٻيھر ھڪ منظم سازشن تحت سنڌ ۾ معمولي ڳالهين تان شروع ٿيل جھيڙن کي قبائلي تڪرارن جو رخ ڏيئي قبائلي تڪرار شروع ڪيا ويا آهن، جنھن جو تازو مثال اھو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد يعقوب جلباڻي اڳيان شاھي رستي تان لنگهڻ واري معمولي ڳالهه تان رات جي وقت رستي تان موٽرسائيڪل تي ويندڙ ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. قتل ٿي ويلن ۾ ھڪ ڪٽوھر ۽ ھڪ عمراڻي برادري جو ماڻهوَ قتل ڪيا ويا ھئا. ڪٽوھر ۽ عمراڻي ڌر جي ھٿياربندن ٻئي رات جو ڳوٺ يعقوب جلباڻي تي جديد ھٿيارن سان حملو ڪري ڳوٺ مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پلاند ۾ جلباڻي ڌر جا 2 ڄڻا قتل ڪيا ويا ھئا. رستي لنگهڻ واري معمولي ڳالهه تان شروع ٿيل جھيڙو ايترو جلدي ۾ شدت اختيار ڪري ويو جو گذريل ڏينهن ڳڙھي خيرو ڀرسان ڳوٺ ڪالو ڪٽوھر مٿان جلباڻي ڌر جي ھٿياربندن جديد ھٿيارن سان حملو ڪري ڳوٺ مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪٽوھر ڌر جي ھڪ ئي خاندان جي ٻن معصوم ٻارڙن ھڪ عورت سميت 6 ڄڻا بيگناھه قتل ڪري رت جي راند کيڏي وئي آهي. ڪٽوھر ڌر جي ھٿياربندن 6 ماڻهن جي قتل جي پلاند ۾ شھدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ نور محمد جلباڻي مٿان جديد ھٿيارن سان حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 سالن جو نوجوان ممتاز جلباڻي ۽ 42 سالن جو محمد بخش جلباڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ عورت پڻ زخمي ٿي پئي ھئي. ڪٽوھر ڌر جي 6 ڄڻن جي قتل ٿي ويلن ۾ 50 سالن جو محمد بچل ڪٽوھر 30 سالن جو پٽ غلام سرور ڪٽوھر 25 سالن جي ننھن عورت مور زادي زال غلام سرور، 5 سالن جو معصوم شاھزيب پٽ غلام سرور، 3 سالن جو راجا پٽ غلام سرور ھڪ سال جو معصوم عبدالجبار پٽ غلام سرور شامل آهن . جلباڻي ۽ ڪٽوھر ڌرين ۾ قبائلي جھيڙي ۾ ٽن مھينن دوران ڪٽوھر ڌر جا مجموعي طور 8 ڄڻا جلباڻي ڌر جا، 6 ڄڻا ڪٽوهر ڌر جا، عمراڻي ڌر جي ھڪ ڄڻو ، ھڪ واٽهڙو مال جو ڌنار جيڪو سيد ٻڌايو پيو وڃي سميت 16 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. اڃان به ڪٽوھر ۽ جلباڻي ڌرين جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مورچابند ٿي ويٺل آهن . قبائلي تڪرار جي ور چڙھي ويل ڪٽوھر ۽ جلباڻي تڪرار جيڪو ٽن ضلعن جنهن ۾ لاڙڪاڻو جيڪب آباد ۽ قمبرشھدادڪوٽ ضلعن جي سرحدي دنگ تي پڻ موجود آهي انهيَ جي باوجود به ڪٽوھر ۽ جلباڻي تڪرار تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ٽنھي ضلعن جي پوليس ڪا به حڪمت عملي ۽ رٿا بندي نه ڪئي آهي. پوليس رڳو عارضي طور تي خانا پوري ڪرڻ لاءِ ھڪ يا 2 پوليس موبائل جون گاڏيون ڳوٺن ٻاھريان بيھاري ميڊيا وارن کي ٻڌايو پيو وڃي ته ھاڻي جھيڙيندڙ ڌرين جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ جھيڙي تي مڪمل طور ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، پر اصل حقيقت انهيَ جي ابتڙ آهي ته سج لھڻ کان پوءِ متاثر ٿيل ڳوٺن ٻاھريان حفاظت لاءِ بيھاريل پوليس موبائل جون گاڏيون واپس پنهنجن ٿاڻن ڏي ھليون وڃن ٿيون، نتيجو اھو نڪري ٿو ته رات جو جھيڙو ڪندڙ ڌريون جديد ھٿيارن سان ھڪٻئي مٿان حملا ڪري ھڪٻئي جا ماڻهو ماري ھليون ٿيون وڃن . گذريل ڏينهن واري جھيڙي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪب آباد ضلعي جي پوليس 6 ڪلاڪن کان پوءِ واقعي واري ھنڌ پھتي ايتري ۾ گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيل 2 معصوم نينگر شاھزيب ۽ راجا ڪٽوھر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. ٿيڻ ته ايئن گهر جي ھا ته پوليس جي سنگين لاپرواھي ۽ غفلت جي ڪري جيڪي 2 معصوم گلن جھڙا مقتول غلام سرور ڪٽوھر جا پٽ ھئا انهن ٻن معصوم نينگرن جو قتل ڪيس جيڪب آباد پوليس جي ذميوارن مٿان داخل ڪيو وڃي ھا . جڏهن به پوري ملڪ ۾ ڪٿي به ڪو وڏو واقعو ٿيڻ کان پوءِ سيڪيورٽي کي ھاءِ الرٽ ڪري اھو بيان ميڊيا تي جاري ڪيو ويندو آهي ته ھاڻي جھيڙي يا حملي تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي ۽ علائقو ريڊ زون قرار ڏيئي ريڊ الرٽ جاري ڪري مڪمل طور ڪنٽرول ڪيو ويو آهي ۽ ھاڻي انهيَ علائقن ۾ پکي به پر نه ٿو ھڻي سگهي . ھونئن به اھا چوڻي مشھور آهي ته ڀلي ڪيترا به خون ٿين ته پوليس جي ڪمائي ٻيڻي ٿي ويندي آهي، پوليس مرڻو به کائي ۽ پرڻو به کائي. پوري سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار اھو وڃي بچيو آهي ته ھر ٿاڻي جي حد ۾ ڪيترا جوا ۽ منشيات جا اڏا کولي ھلائي لکين روپيا روزانو ڪمائي ايس ايڇ اوز پاڻ به کائيندا آهن ۽ ايس ايس پيز کي به لکين روپيا رشوت پھچائيندا آهن ۽ سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل انهيَ جي سياسي ڀوتار ۽ ڪارڪن کي به خوش رکڻ انهيَ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ذميواري ۾ شامل آهي . ھاڻي ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته جڏهن سنڌ پوليس سياسي ڀوتارن جي ڪمداري ڪرڻ ڇڏي پنهنجي ڊيوٽي کي فرض سمجھي ادا ڪندي ته يقين سان چوان ٿو ته سنڌ ۾ ھڪ دفعو ٻيھر تيزي سان شروع ٿيندڙ قبائلي جھيڙن تي ڪنٽرول ڪري ماضي جيان مڪمل طور انهن جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو . سنڌ جي ڪميشنڊ پاس ايس ايس پيز مٿان جيڪو رشوت خوري جو زنگ ۽ الزام لڳي ويو آهي انهي رشوت خوري کي ڇڏي سنڌ جا ڪميشنڊ پاس ايس ايس پيز پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ سڌارا آڻين ته اسان جي سنڌ جو معاشرو صاف ۽ سٿرو بڻجي علم ۽ شعور جو مرڪز بڻجي وڃي .