قانون ۽ عدالتن جو احترام ضروري آهي

0
108
ڪلالڪا هَٽَ، اسپرٽ جو واهپو ۽ زندگين جو زيان

ملڪ جي سياسي اُفق تي عجيب صورتحال رونما آهي. ڪالهه عمران خان اسلام آباد لا اسهيو جتي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو پر عدالت ۾ پيش ٿيڻ بدران گاڏيءَ ۾ ويٺي ئي ان جي ”حاضري“ قبول ٿي وئي. عمران خان جا توشه خانا ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ ختم ڪيا ويا آهن. کيس 30 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جتي مٿس فرد جرم لاڳو ٿيندو. ان سڄي صورتحال دوران اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون جاري رهيون. ڪارڪنن پاران پوليس تي پٿراءُ به ڪيو ويو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته، ڪارڪنن پوليس تي شيلنگ ڪئي آهي. ٻئي پاسي عمران خان جي زمان پارڪ واري گهر تي پوليس پاران آپريشن ڪيو ويو ۽ اتان هٿيار هٿ اچڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي. اتي به پوليس موجب مٿن پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا آهن. ان صوررتحال دوران پوليس پاران پي ٽي آءِ جي ڪُجهه ڪارڪنن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته، گهر ۾ اڪيلي خاتون موجود هُئي، جنهن جي ردعمل ۾ مريم نواز چيو آهي ته، جيڪڏهن اتي اڪيلي بشريٰ بي بي هُئي ته پوليس تي حملا ڪنهن ڪيا؟

هن ملڪ ۾ قانون تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهڙي ڪشمڪش واري صورتحال اڳ به پيدا ٿيندي رهي آهي. هن ڀيري به عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اها ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي. نقصان به ٿيو، ڀڃ ڊاهه به ٿي، افرا تفري به پيدا ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ پوليس جي صبر کي نه ساراهڻ به بخل چئبو. ان معاملي ۾ پوليس وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ تحمل جو مظاهرو ڪيو. عمران خان اها دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته هُو عدالتن جو احترام ڪري ٿو، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ هُو وقت سر عدالت ۾ پيش ڇو نه ٿيو؟ هُو ڪالهه اسلام آباد ويو پر اڳ ۾ پيش ٿئي ها ته اهڙي قسم جو ماحول به نه جڙي ها ۽ نقصان به نه ٿئي ها. پوليس جي دعويٰ آهي ته مٿن پيٽرول بم اُڇلايا ويا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، زمان پارڪ ۾ آپريشن دوران پيٽرول بم ٺاهڻ جو سامان مليو، ڇا اها دهشتگردي ناهي؟ پوليس زمان پارڪ ۾ آپريشن ان وقت ڪيو جڏهن عمران خان اسلام آباد روانو ٿيو، جنهن جي ڪري ئي پوليس کي گهٽ مزاحمت کي منهن ڏيڻيو پيو.

هن ملڪ ۾ قانون جي رٽ قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. عدالتن جي حڪمن تي وقت سر عمل ڪرڻ ئي جمهوريت جي سُونهن آهي. سياسي اڳواڻن کي انا جو اسير ڪنهن به صورت ۾ نه بنجڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ عدالتي حڪمن کي مان ضرور ملڻ گهرجي. نه صرف عمران خان پر سڀني سياسي اڳواڻن کي قانون جي عزت ڪرڻ گهرجي، احترام ڪرڻ گهرجي، عدالتن جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن سڄي واقعي ۾ جيڪي ڪارڪن حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث رهيا، خانگي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو.  سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي انهن جي سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي. انهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ گهرجي. بيگناهه ماڻهن کي ملوث نه ڪيو وڃي. سياسي اڳواڻن ۽ انهن جي پارٽي جي ڪارڪنن کي سمجهڻو پوندو ته هڪ جمهوري مُلڪ ۾ احتجاج ڪرڻ، اختلاف رکڻ هر ڪنهن جو قانوني ۽ جمهوري حق آهي. پر انهن کي اهو به ڀلي ڀت سمجهڻو پوندو ته، قانون ۽ عدالتن کي ڪنهن به صورت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي پنهنجي ڪارڪنن جي اهڙي سياسي تربيت نه ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ هُو رياست ۽ پوليس سان دوبدو مقابلي لاءِ تيار بيٺا هجن. پوليس جي مٿان پيٽرول بم اُڇلائين. خانگي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائين. انارڪي ڦهيلائين يا ٻئي ڪنهن انتشار جو سبب بڻجن. زمان پارڪ واقعي ۾ پوليس صبر ۽ تحمل جو مظاهرو نه ڪري ها ته نقصان وڌڻ جا خدشا موجود هُئا. انڪري اهو ضروري آهي ته، سياستدان انائن کان هٽي ڪري سياست ڀلي ڪن پر قانون ۽ عدالتن جو احترام ڪرڻ سان گڏ ان جي فيصلن کي به مان ڏين.