قانوني ڪارايون ۽ سونيون هٿ ڪڙيون

0
236
ڪھاڙيءَ ڏيون ڏوھه ڪھڙو اياز!

  “پاڪستان جو پاسپورٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽن تي مشڪوڪ نظر سان ڏٺو ويندو آهي” اهو پراڻو حوالو آهي. هڪ اهڙو پراڻو حوالو جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ ڪڙي سچ ۾ تبديل ٿيندو نظر اچي ٿو. ملڪ جي هڪ شهري هجڻ جي حوالي سان اها ڳالهه ڪنهن به شهريءَ کي سٺي نه لڳندي. پر ڇا ڪجي!!؟ اسان جي ملڪ جي اهڙي اميج جو آخر ڪهڙو سبب آهي؟ جڏهن ماضيءَ ۾ اهو سوال اٿاريو ويندو هو، تڏهن چيو ويندو هو ته ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني پسمنظر رکندڙ ماڻهو گهڻو ڪري غلط ۽ غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث هجن ٿا. پر اهو جواب ملڻ جي صورت ۾ اهو سوال پيدا ٿيڻ فطري آهي ته ڇا ڏوهه صرف پاڪستاني ڪن ٿا؟ دنيا ۾ جيترا منجهيل ۽ سوچيل سمجهيل ۽ خطرناڪ منصوبن تي مشتمل ڏوهه اولهه جا ماڻهو ڪن ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ ته پاڪستاني شهري ايترا خطرناڪ نه سمجهڻ گهرجن. اها حقيقت آهي ته جهڙي ريت مغربي ماڻهو هر فيلڊ ۾ مشرقي ماڻهن کان گهڻو اڳتي آهن، تهڙي طرح ڏوهن جو الزام صرف پاڪستان جي شهرين تي مڙهڻ نه گهرجي. اسان جيڪي ڪرائيم موويز فلمون ڏسون ٿا.

اسان جيڪي ڏوهن جون ڊاڪيومينٽريز ڏسون ٿا، اسان جهڙي ريت نشي جي واپارين جو راڄ ڏسون ٿا ۽ جيئن سيريل ڪلرز کان وٺي بنا ڪنهن سبب جي ٻارن جي مٿان آٽوميٽڪ هٿيارن سان فائرنگ ٿيندي ڏسون ٿا، اهو سڀ ڪجهه حساس انسانن جي لونءَ ڪانڊارڻ لاءِ ڪافي آهي. ان صورت ۾ ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ صرف پاڪستانين کي ڪيئن ٿو بيهاري سگهجي؟ ڏوهن جو نيٽ ورڪ ته عالمي سطح تي متحرڪ آهي. جيڪڏهن اسان وٽ ڏوهه ٿين ٿا ته ان جا پيرا به آمريڪا يا ڪنهن يورپي ملڪ ۾ کٽن ٿا.هن وقت “چائلڊ پورونوگرافي” جو ليکو دنيا جي بدترين ڏوهن ۾ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ تمام گهڻا گروهه اهڙن ڏوهن ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن. پر جڏهن انهن تي به تحقيق ٿئي ٿي ته انهن جي باري ۾ به اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهن جي ڪمائي ڊالرن جي صورت ۾ ٿيندي آهي.

ٽين دنيا جي ملڪن جي مٿان جيڪي به تهمتون مڙهيون وڃن ٿيون، انهن کان وڏا ڏوهه پهرين دنيا جي ملڪن ۾ ٿين ٿا. اڄ به تمام گهڻن ڏوهن جو مرڪز مغرب آهي. اهو ئي انٽرنيٽ ايجاد ڪري ٿو ۽ اهو ئي سائبر ڪرائيم جو بنياد رکي ٿو. اهو ئي هٿيار ٺاهي ٿو ۽ اهو ئي جنگين جو ماحول وجود ۾ آڻي ٿو. ان صورت ۾ اسان جي ملڪن جو نالو ايترو بدنام ڇو آهي؟ جهڙي طرح شيخ اياز لکيو آهي:

“پورهيت لاءِ پرديس به ساڳيو

ديس به ساڳيو……..!!”

تهڙي طرح ڏوهاري به ديس ۽ پرديس ۾ ڪو فرق نه ٿا رکن. ان سچائيءَ کان انڪار به تمام گهڻو مشڪل آهي ته غريب ملڪن جا ڏوهاري گهٽ درجي جا ڏوهه ڪن ٿا، جڏهن ته امير ملڪن جا ڏوهاري وڏي قسم جا ڏوهه ڪن ٿا. انهن ڏوهن جي حوالي سان پنهنجيون انڊرگرائونڊ ۽ پوروڇوٽ حڪومتون ٺاهي ڇڏيون آهن. ان ڪري پاڪستان سميت ٽين دنيا جي ملڪن کي ڏوهاري قرار ڏئي، انهن جي ماڻهن جي توهين ڪرڻ ۽ انهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ جو عمل ڪنهن به طور تي جائز ناهي. ان قسم جا ليک نه صرف ملڪي پر عالمي ميڊيا ۾ به لکيا ويا آهن پر ان جي باوجود به عالمي برادريءَ کي پاڪستان جهڙن اپيپاپ ملڪن جي مٿان ڪو ترس نه ٿو اچي ته آخر ان  جو به ڪو سبب هوندو!! ڏوهاري ڪير به ٿي سگهي ٿو ۽ ڪٿي به ٿي سگهي ٿو پر پاڪستان جهڙن ملڪن جي مٿان اولهه جا ملڪ گهڻو ڪري اهو  الزام لڳائين ٿا ته جن ملڪن جو اهي ڏوهاري پس منظر رکن ٿا،

اهي ملڪ انهن جي مٿان قانوني طور تي سخت هٿ نه ٿا وجهن.پاڪستان جي سلسلي ۾ مٿيون سبب ان مهل ڌيان جو در کڙڪائڻ لڳو، جڏهن ميڊيا تي “بحريا ٽائون” جي تڪراري منصوبي جي مالڪ ملڪ رياض ۽ سندس صاحبزادي جي ويزا کي برطانيا جي وڏي عدالت ان ڪري رد ڪيو آهي جو ملڪ رياض ۽ سندس پٽ جا اثاثا ايتري ته تيزيءَ سان وڌيا آهن جو انهن کي انگلينڊ جي حڪومت جائز نه ٿي سمجهي. ملڪ رياض جو پٽ سميت ڏهن سالن جو ويزا ختم ٿيڻ ڪو معمولي عمل ناهي. پر ملڪ رياض جي باري ۾ معمولي معلومات رکڻ وارن کي به علم آهي ته ملڪ رياض وٽ ايتري ته دولت آهي جو هو وڪيل نه پر ججن جي سلسلي ۾ گفتگو ڪندو آهي.

ملڪ رياض پهريون ڀيرو ان مهل فوڪس ۾ آيو هو، جڏهن هو اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار جي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪانفرنس ڪندو نظر آيو هو ۽ هن چيو هو ته سابق جسٽس جو فرزند هن جي پئسي تي ٻاهرين دنيا ۾ ٺٺ ڪندو رهيو آهي. هن ان سلسلي ۾ سموريون ڪي رسيدون ۽ فوٽوگراف به ميڊيا تي پيش ڪيا هئا پر انهيءَ ملڪ رياض جي مٿان جڏهن سپريم ڪورٽ جي ٻين ۽ سابق چيف جسٽس فراڊ سان هٿ ڪيل زمينن تي قبضا ڪري “بحريا ٽائون” ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ وڏو ڏنڊ وڌو هو ته ان شخص کي بليڪ لسٽ ڪرڻ بدران هن جي ڏوهه واري رقم تي سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت  جي وچ ۾ اها ڇڪتاڻ نظر آئي ته ان رقم تي ڪنهن جو حق آهي؟

پاڪستان جي عدليا “سوئو موٽو” وٺڻ جي سلسلي ۾ ٺيڪ ٺاڪ سڃاڻ رکي ٿي. اسان کي عدليا جي باري ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي پر افسوس ته اهو دور تمام گهڻو وقت اڳ گذري چڪو جڏهن وڏي ججن جي باري ۾ عالمي سطح تي اهو چيو ويندو هو ته “جج پاڻ نه پر انهن جا فيصلا ڳالهائيندا آهن” هن مهل جڏهن ملڪ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جي “آڊيو ليڪ” جي حوالي سان مسلم ليگ ن جي سربراهه جي ڌيءَ  ۽  ملڪ جو اڳوڻو وزير اعظم ميڊيا سان مخالب آهن ۽ ميڊيا ۾ نه رڳو ان معاملي پر عدليا جي ٻين به ڪيترن ئي پهلوئن جي مٿان پروگرام ٿي رهيا آهن ۽ ان ماحول ۾ جڏهن ڪراچيءَ جو نسلا ٽاور اعليٰ عدالت جي حڪم سان زمين بوس ٿئي ٿو ۽ ان تي متاثرين ۽ بلڊرز گڏجي مظاهرو ڪن ٿا، تڏهن معاملو چئن ديوارن مان نڪري وچ چوراهي تي پهچي وڃي ٿو. ڇو ته جڏهن ڪراچيءَ جي شهه رڳ سڏائيندڙ سڙڪ “شاهراه فيصل” ڪلاڪن جي لاءِ بند ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ميڊيا جون ڪيمرائون انهن منظرن کي “لائيو” پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاڻ کي مجبور سمجهن ٿيون.

پاڪستان جو هڪ اهو به الميو آهي ته هتي ڏوهن ۽ سياست کي الڳ ڪندڙ سرحدي  ليڪي کي وڏي محنت ۽ مهارت سان ميساريو ويو آهي. هڪڙا ڏوهه سياسي پس منظر هجڻ سبب ايتري حد تائين اڀري اچن ٿا، جو اسان کي اهو لڳي ٿو ته هاڻي ملڪ هتان پنهنجي وجود جي واڳ پوئتي ورائيندو ۽ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو. پاڪستان جي ويجهي تاريخ ۾ ڪيترا ڏوهه ميڊيا اسڪرينن جي مٿان جهڙ وانگر جهميا ۽ ان سان ڪيترن ادران جا ڇپر ٽميا؟ اهو اسان کان وسارڻ جا به سگهارا سانباها ڪيا ويا آهن.

هن مهل ڪنهن کي ياد آهي ته ڪا ماڊل ايان علي به هئي، جنهن جي هر پيشيءَ تي ميڊيا جو پورو قافلو ڪٺو ٿيندو هو. هن مهل هوءَ ڪٿي آهي ۽ ڪيئن آهي؟ اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا تي ڪو ٻڙڪ ٻاڦي ٿو ۽ پوءِ هر ڪنهن کي سوشل ميڊيا جي مجموعي مزاج سبب اهو شڪ ٿيڻ لڳي ٿو ته ڳالهه ۾ ڪيترو سچ ۽ ڪيترو ڪوڙ آهي؟ سوشل ميڊيا جا مثبت پاسا پنهنجي جاءِ تي پر ان جو اثر سوڍا جي ان چمچي جهڙو هجي ٿو، جيڪو فوري طور تي تمام گهڻو اڀامي پوءِ بلڪل ماٺو ٿي وڃي ٿو ۽ ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو هو.

بحريا ٽائون وارو مامرو به ڪجهه اهڙي صورت اختيار ڪري ويو. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن سنڌ جي سوشل ميڊيا بحريا ٽائون جي خلاف مزاحمت کي منظم ڪرڻ جو وڏو اوزار بڻجي وئي هئي ۽ جڏهن اهو غيرمنظم احتجاج باهه جو سبب بڻجي ويو ته اتان کان سوشل ميڊيا تي ساڳين ماڻهن جو ڪردار معافي وٺڻ جهڙو وضاحتي بڻجي ويو. اسان پوءِ اهو به ڏٺو ته ڪهڙي طرح بحريا ٽائون جي مظاهري سبب گرفتار ٿيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون ضمانتون ڪرائڻ تي پورو زور لڳي ويو. ڪوڙن ڪيسن ۾ ضمانتون ڪرائڻ ۽ قانون توڙي انصاف کي به هڪ محاذ طور قائم ڪرڻ وارو عمل ڪنهن به طور تي غلط ناهي پر اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جي ان تحريڪ جو ڇاٿيو؟ جيڪا ڌرتيءَ ڌڻين جي هر حق حاصل ڪرڻ تائين جاري رهڻ جو علان بڻجي وئي هئي.

هن وقت به ڪو جيڪڏهن بحريا ٽائون جو اڇاترو چڪر هڻي ته هن کي هڪ ڀوتن جو شهر نظر ايندو ۽ مارڪيٽنگ جي وڏي مهارت سان هٿرادو قيمتون وڌائي بحريا ٽائون جي نقصان کي فائدي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ جيڪي به ڪوششون ٿي رهيو آهن، انهن طرف سياسي  پارٽين توڙي سرڪار جو ڪردار مڪمل طور تي نظرانداز ڪرڻ جهڙو رهيو آهي ۽ جڏهن ملڪ رياض جهڙي فرد خلاف برطانيا جهڙو ملڪ پنهنجي ويزا رد ڪري ٿو تڏهن به پاڪستان ۾ ان خبر کي روڪڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ ناجائز دولت ڪا نه ڪا صورت وٺي سرگرم ٿي وڃي ٿي.

ڏوهه ڪٿي به ٿي سگهن ٿا ۽ ڏوهاري ڪٿي به جنم وٺي سگهن ٿا پر اسان جي ملڪ ۽ مغربي دنيا ۾ اهو فرق آهي ته اولهه جا ملڪ پنهنجي قانون ۽ انصاف واري اداري جو سربلند رکڻ جي لاءِ پئسي ڏوڪڙ جي پرواهه نه ٿا ڪن. جڏهن ته اسان وٽ قانون جون ڪارايون وڏي شوق سان سونيون هٿڪڙيون پائڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿيون. ڇا اها ڳالهه به لکڻ جهڙي آهي ته ٻاهرين دنيا ۾ فرد ملڪن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن جو ويزا هن جي مشڪوڪ ملڪيت سبب رد ٿيو آهي ته ان جا اثر پاڪستان جي اميج تي پوڻ لازمي آهن. پاڪستان جيڪڏهن ڏوهارين جو صاف شفاف احتساب ڪري ته ان سان سمنڊ پار رهندڙ ايماندار پاڪستانين جي پاسپورٽ کي مشڪوڪ نظر سان ڇو ڏٺو ويندو؟