قاضي احمد (ن پ ا)  سنڌ ايجوڪيشنل ويلفيئر ايسوسيئيشن (سيوا) جي مرڪزي چيئرمين سيد محبوب علي شاهه پنھنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته تنظيم پاران ھڪ ڏينھن وارو پھريون انڊس لٽريچر فيسٽيول  28 مئي تي منجھند جو 3 وڳي رنگ مھل شادي ھال قاضي احمد ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي، جنھن جو افتتاح ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ايم ڊي سائيٽ ڪراچي منور علي مھيسر، وزير ڪليڪٽر ڪسٽم صادق الله خان،ڄام افتاب علي انڙ ۽ سيد آصف علي جيلاني ڪندا، ليٽريچر فيسٽول ۾ يوٿ ڪانفرنس،تعليمي سيمينار ۽ ضلعي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن تي تقريرون ۽ مقالا پڙھيا ويندا.