قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي رھائشي علائقي دوست محمد ڪالوني ۾ گھر آڏو پاڻي ڪڍڻ واري معامري تان ٺڪر، ملاح ۽ جتوئي برادري جي ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ دڪاندار اڳواڻ ھرجي مل ٺاڪر جا ڀائر ۽ ڀائٽيا سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي واقعي واري هنڌ پھتل پوليس اهڪارن جي موجودگي دوران حملي آور ٺڪر برادري جي ماڻھن کي مارڪٽ ڪندا رهيا، زخمين ۾ ھرجي ٺاڪر، ھرچند ٺاڪر، گوپچند ٺاڪر ۽ ساگر ٺاڪر شامل آھن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ۽ حملي خلاف شھر جي مک  شاھي بازار ۾ جزوي ھڙتال ڪئي وئي، زخمي ھرجي مل ٺاڪر ٻڌايو ته بااثر جتوئي برادري جي گل محمد جتوئي ۽ ملاح برادري جي منظر ملاح جي پٽن حملو ڪري سخت زخمي ڪيو، پوليس  جي موجودگي ۾ به جوابدار مارڪٽ ڪندا رهيا، هن جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.