قاضي احمد (ن پ ا)  قاضي احمد ويجهو ڪريم آباد اسٽاپ وٽ 2 هفتا اڳ زال آئشا ملاح ۽ سُهري لال بخش  ملاح کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ جوابدار غلام قادر ڪلهوڙي  قاضي احمد پوليس وٽ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، جڏھن ته سندس جي گرفتاري بعد پوليس هٿان عيوضي ۾ گرفتار ڪيل عورتن کي آزاد  ڪيو ويو، واضح رھي ته  جوابدار سھري ۽ زال کي گھرو معامري تي فائرنگ ڪري گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو هو، جنهن بعد پوليس سندس جي گرفتاري لاء مٿس دٻاءُ وڃڻ لاءِ سندس گهر ڀاتي عورتن کي عيوضي ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن بعد گرفتاري پيش ڪئي آھي