قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد ڊگري ڪاليج ۾ قائم سينٽر ڊوائيس ھولڊرن جي بائيڪاٽ سبب ٻن ڏينهن کان بند ھجڻ ڪري سوين مستحق عورتون پئسا ڪڍرائڻ رلينديون رهيون، عورتن دانھيندي چيو ته روزانو ڀاڙا ڀري اچون ٿيون پر سينٽر بند هجڻ سبب رقم نٿي ملي، ڊوائس ھولڊر شبير زرداري، عامر دائود پوٽو ۽ ٻين الزام هنيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا عملدار بنا جواز پوليس کان ڪٽوتي جي الزام هيٺ گرفتار ڪرائي رشوت پيا وٺن، جڏهن ته انڪوائري ڪرڻ بجاءِ  رڳو ٻڌڇوڙ لڳي پئي آهي، عملدارن ۽ پوليس کان تنگ ٿي ڊوائس بند ڪري ڪم جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، ٻئي پاسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊويزنل ڊي ڊي رفيق بلر چيو ته ڊوائس ھولڊر سينٽر بند ڪري بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان نجي بينڪ کي لکيو آهي، هن چيو ته مستحق عورتن جي امدادي رقم مان ڪنھن به صورت ۾ ڪٽوتي ڪرڻ نه ڏني ويندي.