قاضي احمد ۾ تعليم کاتي جي ملازمن جون پگهارون بحريه ٽائون لاهور جي اي ٽي ايم مان ڪڍڻ جو انڪشاف

0
818

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ تعليم کاتي جي ملازمن جون پگهارون بحريه ٽائون لاهور جي اي ٽي ايم مان ڪڍڻ جو انڪشاف، تعليم کاتي جي ملازم احمد انڙ جو پگهار ٻئي اي ٽي ايم مان ڪڍڻ خلاف احتجاج، ملازم جو چوڻ آهي ته اڪائونٽ ۾ پگهار منتقل ٿيڻ جي فوري بعد ميسيج آيو ته توهان جي پگهار اي ٽي ايم ذريعي ڪڍي وئي آهي، رابطو ڪرڻ تي نيشنل بيئنڪ اختيارين ٻڌايو ته بحريه ٽائون لاهور جي اي ٽي ايم مان پگهار ڪڍي وئي، تعليم کاتي جي ملازم طرفان معاملي جاچ ڪرائي پگهار جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، قاضي احمد ۾ نيشنل بئنڪ جي مئنيجر طرفان به ٻئي اي ٽي ايم مان پگهارون نڪري وڃڻ جون چار شڪايتون ملڻ جو به انڪشاف ڪيو ويو آھي، مئنيجر جو چوڻ آهي ته هڪ گروهه تعليم کاتي جي ملازمن جون پگهارون اي ٽي ايم مان ڪڍي رهيو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.