قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ بدامني خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي مقامي ھوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ شھر جي سياسي سماجي، ادبي، مذھبي، قومپرست تنظيمن شرڪت ڪئي، امن امان جي بحالي ۽ ڏوھي وارداتون روڪڻ ۾ ناڪامي تي ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد امير سعود مگسي کي عھدي تان فوري طور ھٽائڻ جي گھر ڪندي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ طئي ڪيو ويو ته ڪاميٽي جوڙي تحريڪ کي تيز ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي، ڪانفرنس ۾ ملنگ جتوئي، نرگس ٽانوري، ڊاڪٽر شبير چانڊيو، سيد جي ايم شاھ، حاجي خان لاکو، سيد انور شاھ، سيد اعجاز شاھ، ممتاز ميمڻ، رمضان لاشاري، مستان بالادي، ٻاجهي خان ڪلوئي، امير ڪمار باگڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.