قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال  سبب پاڻي جي وھڪرن سبب اڌ شھر جي آبادي ۽ ڀروارن سوين ڳوٺن جا ھزارين ماڻھو سخت متاثر ٿيڻ بعد  بي گهر ٿي روڊن، رستن، شاخن جي واھن تي پناھ ورتي آهي،  ان دوران سخت گرمي پيئڻ جي  پاڻي جي کوٽ سبب هزارين  متاثر سخت بيمار ٿي پيا ھئا،جنهن بعد ايم اين اي سيد مير غلام مصطفيٰ   شاھ پاران  اين آئي سي وي ڊي جي مدد سان متاثرين کي  صحت جون سهولتن لاءِ  قاضي احمد ڄام پئٽرول پمپ ڀرسان ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جتي مختلف شعبن جي ڊاڪٽرن 600 کان وڌيڪ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن مريضن جو علاج ڪيو ۽ کين مفت ۾ دوائون ڏنيون.