قاضي احمد/ڀرياسٽي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ سخت گرمي ۽ خراب پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جو مرض پکڙجي ويو، قاضي احمد ۽ ڀرياسٽي ۾ 2 ٻارڙا فوت، 16 ڄڻا ٻارڙا مرض ۾ مبتلا،  ان ڏس ۾ قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ مصري چانڊيو ۾ گيسٽرو سبب 5 ورهين جو معصوم ٻارڙو رحمان  چانڊيو فوت ٿي ويو، جڏھن ته عرفان علي چانڊيو، دلبر چانڊيو،  عبدالسلام چانڊيو، اعظم چانڊيو سميت 10 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا  گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، جن کي ڳوٺاڻن پاران خانگي اسپتالن ۾ علاج لاء داخل ڪيو ويو آھي، ٻي طرف  ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ نبن نائچ ۾ گيسٽرو وگھي 3 سالن جو معصوم ٻارڙو حسين نائچ نواب شاھ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏھن ته ساڳي ئي ڳوٺ ۾ 6 معصوم ٻارڙا گيسٽرو ۾ ورتل آهن،  گيسٽرو ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي، ان حوالي سان فوتي ٻارڙي جي والدين حسن نائچ، پوڙھو نائچ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ 6 معصوم ٻارڙا امام زادي، لڇمي، احسان، معشوق، راشد ۽ ضميران نائچ گيسٽرو ۾ ورتل آهن،  ھڪ ھفتي اندر گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آھي، صحت کاتي پاران ڪي به اپاءٔ ناھن ورتا ويا، بي يارو مددگار بڻيل آهيون، نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻيون وڃن.