ڪراچي (نمائندن وٽان) قاضي احمد  ڀرسان نئين آباد جي رهواسي راحب ميمڻ جي 4 سال جي نينگري  بسما ميمڻ گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، جڏھن ته 60 کان وڌيڪ ماڻهو  گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.  ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ حبيب الله بروھي ۾ ھڪ سال جو ٻارڙو تاج محمد بروھي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ساڳي ڳوٺ ۾ 20 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا گسٽرو ۽ ڊائريا جي بيماري ۾ ورتل آھن.  ٽنڊو آدم ۽ ڀرپاسي گيسٽرو جي بيماري پکڙجي وئي، 6 ٻارڙن سميت 15 ڄڻا اسپتال داخل آهن.  قمبر ۾گيسٽرو ۾ مبتلا 22 مريضن کي اسپتال آندو ويو، متاثرن ۾ 7 سال جو ظهير احمد، 8 سال جي خديجه، 2 سال جي حميرا، 12سال جو برڪت، 39 سال جو گلزار، 35 سال جي ارباب خاتون، 50 سال جي وزيران،30 سال جي ثمينا ۽ ٻيا شامل آھن. فريدآباد ڀرسان ڳوٺ سيدپور ۾ ابرار حسين چانڊيو، حڪميه چانڊيو،ولي محمد چانڊيو،دادن چانڊيو،اسرار چانڊيو سميت سوين مريض گيسٽرو ۾ وٺجي ويا آهن. ڪيٽي بندر تعلقي ۾ برسات کانپوءِ گيسٽرو ڦھلجي وئي،  يوسي ڪيٽي بندر، ٻگھاڻ ۽ ٻيٽ مھيار جي اڪثر ڳوٺن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا گيسٽرو سبب اسپتالن ۾داخل ٿي ويا آهن.ٽنڊوباگو تعلقي اسپتال ۾ 31 کان وڌيڪ مريض داخل آهن، شهر جي نجي اسپتالن ۾ 50  کان وڌيڪ گيسٽرو جا مريض داخل ٿيل آهن.  جنهن سبب ٽن ڏينهن ۾ گيسٽرو جي مريضن جو انگ 350 کان وڌي ويو.