قاضي احمد (ن پ ا) عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل ڳوٺ ڪاٺڙي واسي مسجد جو پيش امام حافظ علي  نواز ڏاهري کي پوليس مهينو گذرڻ باوجود ڌاڙيلن وٽان بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوي جي والد مٺل ڏاھري ٻڌايو ته ڌاڙيلن پٽ سان رابطو ڪرائڻ بند ڪري ڇڏيو آھي، هن چيو ته ڌاڙيل بدستور 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن، هن چيو ته اسين مسڪين آهيون ايتري رقم جو بندوبست ڪٿان ڪري سگهنداسين، هن چيو ته واقعي بعد گھر ۾ روڄ راڙو متل آھي، هن مطالبو ڪيو ته تڪڙا قدم کڻي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي،