قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ڀرسان عدالتي حڪم تي ڳوٺ خالي ڪرائڻ آيل پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڇڪتاڻ، منهن ماري، ڳوٺاڻن پاران پاڪ ڪتاب جا واسطا، پوليس پاران 3 ڏينهن جو الٽيميٽم، خبر موجب يوسي مير محمد جوڻو ۾ اڌ صدي کان آباد 15 گھرن تي مشتمل ڳوٺ خير محمد مھر کي خالي ڪرائڻ لاءِ عدالتي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر حافظ ذيشان ارشد ۽ مختيارڪار شاهه مراد تنيو وڏن پوليس اٽالن سان پهتو ته ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، پوليس چڙهائي دوران عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس کي گهر نه ڊاهڻ لاءِ منٿون ڪيون، ڪاروائي دوران ميڊيا ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کي پوليس ۽ روينيون عملدار روڪي ورتو، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن غلام رسول مھر، پيارو مھر، حاجي مور مهر، سليمان مهر، صدام مهر ۽ سهڻو مهر احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته علائقي جي بااثر شخصيت عطا محمد جوڻو ڳوٺ جي زمين تي مالڪي جي دعويٰ ڪري ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي، هنن چيو ته 50 سالن کان ڳوٺ آباد آھي پر هاڻ وڏيرو جبر ڪري گهرن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو ظلم آھي، ٻئي طرف ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪندڙ زميندار عطا محمد جوڻو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ جي زمين ھڪ ايڪڙ 12 گھنٽا آھي، ڄاڻايل ڳوٺاڻن کي منهنجي والد ڳوٺ پڊ مان لڏائي هتي آباد ڪيو هو ۽ 1997ع ۾ هو ھاري ٿيا، هن چيو ته 2001ع ۾ منهنجي والد هنن کي هارپي کان بيدخل ڪيو، ڳوٺ جي زمين کان وڌيڪ هنن فصل واري زمين تي به قبضو ڪيو ۽ زمين ۾ فصل به ڪاهڻ نه ڏنو، جنهن تي عدالت جو در کڙڪايو آھي، پوليس جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪاروائي لاءِ پهتاسين پر ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو،  ڳوٺاڻن کي 3 ڏينهن اندر گهر خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو آھي گهر خالي نه ڪيا ويا ته سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.