قاضي احمد (ن پ ا) 9 ڏينهن اڳ قاضي احمد لڳ ڳوٺ دوست محمد راھو مان گھران ڪاوڙجي نڪتل  14سالا محمد راھو جو اڃا تائين ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناھي سگهيو، جنهن ڪري سندس وارث پريشان آهن، وارثن ٻڌايو  ته نينگر معمولي ڳالهه تان ڀاءُ سان ڪاوڙجي گهران  نڪري ويو ته واپس ناهي آيو، جنهن جي ڳولا ڪئي آهي پر ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، هنن نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي،