قاضي احمد (ن پ ا) 28 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي مبينا اغوا ٿيل قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي بلال مسجد جو پيش امام ڳوٺ ڪاٺڙي واسي حافظ علي نواز ڏاهري کي پوليس اڃا  تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوي جي والد مٺل ڏاھري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڌاڙيلن ٻيھر فون ڪري 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي، ڀنگ جي رقم جلد ادا نه ڪرڻ تي هنن پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي، هن چيو ته قاضي احمد توڙي سکر پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي،