قاضي احمد: ٽن ڊاڪٽرن خلاف ڪرونا وائرس جي غلط رپورٽ ڏيڻ تي پٽيشن داخل، ڊاڪٽرز طلب

0
675

قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد شھر سان تعلق رکندڙ سول سوسائٽي اڳواڻ ۽ شھري عبدالرحمان اوٺو پاران رورل ھيلٿ سينٽر قاضي احمد جي ايم ايس ڊاڪٽر آصف رضا بروھي ,ڊاڪٽر فرحانا ۽ ڊاڪٽر غزالا سميت ٽن ڊاڪٽرن خلاف ڪرونا وائرس جي ڪرايل ٽيسٽ دوران غلط رپورٽ ڏيڻ ۽ لاپرواھي ڪرڻ جي الزام ھيٺ پنهنجي وڪيل ظھير کرل معرفت نوابشاھ سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي، جنهن ۾ پٽيشنر موقف اختيار ڪيو آھي ته مذڪوره صحت کاتي قاضي احمد جي ڊاڪٽرن لاپرواهي ڪندي غلط ڪورونا جي رپورٽ جاري ڪئي هوئي جنهن ۾ ڪورونا نيگيٽو ڄاڻي وئي جڏھن ته حالت خراب هجڻ بعد کيس حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو هو جتي آغا خان ليبارٽري مان ٻيهر ڪرايل ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ رپورٽ مسبت آئي هوئي جنهن بعد سندس جي حالت خراب هجڻ ڪري کيس ساھ جي تڪليف سبب آء سي يو وارڊ ۾ کيس رکيو ويو هو سندس موقف آھي ته قاضي احمد ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ کان لڳايل ويڪسين لڳائڻ کان اڳ ڪو به ميڊيڪل چيڪ اپ نه ڪيو ويو مثال ٽيمپريچر ,شگر ,بلڊ پريشر چيڪ ئي نه ڪيو ويو نه ئي ھسٽري ورتي وئي اهڙي عمل خلاف هن قاضي احمد سان تعلق رکندڙ ٻن ليڊي ڊاڪٽرياڻين ۽ ايم ايس سميت ٽنھي ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء عدالت جو در کڙڪايو آھي، هوڏانهن عدالت سڳوري 3 جولاءِ تي ڊاڪٽرن کي طلب ڪري ورتو آھي.