قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ يو سي چيئرمين غلام سرور جتوئي جي گھر مٿان مبينا فائرنگ جو ڪيس سندس فرياد تي 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ حاجي خان جتوئي، سڪندر جتوئي، شاھنواز، دلدار، ديدار، محمد جتوئي ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پوليس هٿان گرفتار ٿيل حاجي خان جتوئي جي وارث عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن مسمات حوا جتوئي، گلان جتوئي، ممتاز جتوئي ۽ ٻين پوليس اسٽيشن سامهون قومي شاھراهه تي تي احتجاج ڪيو، هنن الزام هنيو ته بااثر سرور جتوئي اسان جي نوجوان کي بنگلي تي ڳالھين لاءِ گهرائي پوليس هٿان گرفتار ڪرائي مٿس فائرنگ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي، هنن معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل يوسي چيئرمين چيو ته گذريل رات منهنجي گهر تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، هڪ جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جوابدار ڌر منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي.