قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ قومي شاهراهه تي بيٺل قيمتي سرڪاري وڻن جي واڍي واري ڪيس ۾  جي 4 جوابدارن  طالب پٺاڻ، خدائي رحم پٺاڻ، جاويد کوکر ۽ عمران کوکر کي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ هڪ سال قيد ۽ 10 – 10 هزار رپيا ڏنڍ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏھن ته ڄاڻايل ڪيس ۾ ٻن ڄڻن سڪندر علي ۽ ارشد کي بري ڪيو ويو، ڄاڻايل ڪيس سرڪاري وڻ وڍڻ تان فاريسٽ کاتي جي ملازم پير محمد اسماعيل 7 مهينا اڳ جوابدارن خلاف قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو، سزا آيل جوابدارن کي نواب شاهه جيل منتقل ڪيو ويو،