قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ حاجي لکانو خاصخيلي ۾ 2 سڳا ڀائر اختيار علي خاصخيلي ۽ مختيار خاصخيلي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ھجڻ سبب ھلڻ گھمڻ کان لاچار بڻجي بستري ڀيڙا ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته گهر جو الھه تلھه علاج تي خرچ ڪرڻ باوجود ٻئي ڀائر ٺيڪ ناهن ٿي سگهيا، هنن چيو ته ٻئي ڀائر 20 سالن کان بيماري ۾ مبتلا آهن، جيڪي هن وقت گھمي ڦري نٿا سگھن، هنن چيو ته مختلف اسپتالن مان ڀائرن جو علاج ڪرايو پر ڪو به فرق نه پيو آھي، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي ڀائرن جي علاج ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.