قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد لڳ ڪچي جي علائقي ۾ کاهه  ٿاڻي جي پوليس پاران چوري جي الزام ھيٺ گرفتار ڪري گم ڪيل ڳوٺ حاجي سھراب جتوئي واسي چئن ڄڻن وقار جتوئي، زاهد جتوئي، جابر جتوئي ۽ علينواز عمراڻي کي ڳوٺاڻن مبينا طور ڪچي جي علائقي ڳوٺ عرس جتوئي مان ھٿ ڪري ورتو، جن کي هٿڪڙيون لڳل هيون، هٿ ڪيل چئني ڄڻن ۽ مٿن پهرو ڏيندڙ سادا ڪپڙا پهريل 3 هٿيار بندن کي به ڳوٺاڻن سوگهو ڪري ورتو، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن چئني نوجوانن کي هڪ نجي ٽارچر سيل مان هٿ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن بعد ۾ سڀني کي مقامي عدالت آندو، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس هٿان گرفتار ڪري گم ڪيل چئني ڄڻن جي وارث واحد بخش جتوئي سيشن ڪورٽ نواب شاھ ۾491 جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي سيشن عدالت قاضي احمد جي عدالت ڏانهن ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي قاضي احمد جي جج کاھ ٿاڻي تي ڇاپو هنيو پر 4 ئي نوجوان هٿ اچي نه سگهيا هئا، بعد ۾ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن هڪ نجي ٽارچر سيل ۾ ھٿڪڙيون هڻي باندي بڻايل 4 نوجوانن کي هٿ ڪري قاضي احمد جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن بعد عدالت بازياب ڪرايل چئني نوجوانن کي قاضي احمد پوليس جي سيف ڪسٽڊي ۾ ڏئي کين سومر ڏينهن 20 جون تي سيشن ڪورٽ نواب شاھ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هوڏانهن ڳوٺاڻن پاران ڄاڻايل هنڌ تان هٿ ڪيل ڪلاشنڪوف ۽ ھٿڪڙيون پڻ قاضي احمد پوليس حوالي ڪيون ويون، جيڪي پڻ نواب شاھ جي عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون، وارثن جو چوڻ آهي ته نجي ٽار چر سيل تان هٿ ڪيل چئني ڄڻن کي کاهه پوليس چوري الزام هيٺ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو، ڳوٺاڻن کاهه ٿاڻي جي ايس ايچ او شبير زرداري مٿان الزام هنيو ته هو ماڻهن کي بنا جواز گرفتار ڪري نجي ٽارچر سيل ۾ رکي ٿو جيڪو عمل انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي، هوڏانهن پوليس جو موقف آھي ته نوجوانن کي چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو جاچ لاءِ کين ٿاڻي کان ٻاهر رکيو پر ڳوٺاڻا انهن کي پوليس وٽان زبردستي ڇڏائي کڻي ويا.