قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ گلڻ کوسو جي ديھه کنڀرو ۾ واقع ساڍا ٽي ايڪڙ زمين جي مالڪي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ وڏي عرصي کان ھلندڙ تڪرار جو بھار مري جي سرپئنچي ھيٺ نبيرو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڌر جا ڇٽل کوسو، فقير رسول کوسو، شاھنواز، عبدالرحمان، علي شير جڏھن ته ٻئي ڌر جا مانجهو خان، سڪندر شاهه، انور شاهه، عبدالحميد زرداري ۽ محمد رفيق کوسو امين طور شريڪ ٿيا، فيصلي ۾ ٻنھي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فتويٰ جاري ڪئي وئي ته تڪراري زمين ٻنھي ڌرين ۾ اڌو اڌ ورهائي ويندي ۽ تيار فصل پڻ تڪراري ڌرين ۾ ورهايو ويندو، جڏھن ته اهو طئي ڪيو ويو ته تڪراري زمين ساڍا ٽي ايڪڙ زمين ماپي في ايڪڙ ڏهه لک رپين جي حساب سان ڏيڊ ايڪڙ زمين جي رقم مانجھو کوسو کي محمد ڇٽل کوسو ادا ڪندو ۽ پوکيل فصل پڻ ٻئي ڌريون اڌو اڌ ڪندا، تڪرار جي نبيري بعد جهيڙيندڙ ڌريون سمورا ويڇا وساري ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويون.