قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو هٿاربندن جو حملو، زمين ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان قتل، وارثن جو چوڻ آهي ته سئوٽن پراڻي دشمني تان همراهه کي قتل ڪيو، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ديھه بھاول شاهه ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ نور ماڊل واسي نوجوان ڪاشف کوسو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي قاضي احمد اسپتال آندو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول جو لاش قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد سڪرنڊ اسپتال آڻي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو لاش نور ماڊل وليج پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، مقتول جي ڀاءُ آصف کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته زمين جي مالڪي تان سوٽن سان تڪرار ھلندڙ آھي، خبر نٿي پئي ته ڪنهن اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.