قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ والو چانڊيو جو رھواسي 15 سالا صفيان  عرف شاني پنجابي ٻن ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي، نينگر جي والد معشوق ٻڌايو ته سندس پٽ قاضي احمد  شھر ۾ موٽرسائيڪل جي دڪان تي ڪم ڪندو ھو، جيڪو 2 ڏينھن اڳ ڳوٺ کان قاضي احمد شھر ايندي گم ٿي ويو، هن پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي،