قاضي احمد ويجهو نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

0
218
قاضي احمد ويجهو نوجوان

قاضي احمد ويجهو 12 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي

وارثن موجب ڳوٺ پير فارم واسي 28 ورهين جو الھداد چانڊيو 12ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد واپس نه موٽيو

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته خدشو آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس ڪو به سهڪار نه پئي ڪري

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته مامري جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جلد نوجوان جو پتو پئجي ويندو