قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي ڳوٺ  حاجي احمد مري واسي 31 ورهين جو ممتاز مري پراسرار طور ڪراچي مان گم ٿي ويو، ان ڏس ۾  گم ٿي ويل نوجوان ممتاز مري جي ڀاءُ عبدالجبار مري جي فرياد تي سچل پوليس ٿاڻي تي اھڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو آھي، گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ دبئي کان ڪراچي آيو، جتان گم ٿي ويو آهي،  اسان کي شڪ آھي ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي.