قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ ميھر مھر ۾ مقامي رهواسي پورهيت جان محمد عرف جانو مھر پنهجي اٺُ گاڏي تي 95 بهه سان ڀريل ڀريون کڻي رڪارڊ قائم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. جڏھن ته ھڪ ڏھاڙو اڳ مقامي رهواسي سيٺ قربان کوسو پاران پنهنجي اٺُ گاڏي تي 75 بهه جون ڀريون کڻي رڪارڊ قائم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي جنهن بعد ٻئي پورهيت ان کان وڌيڪ بُهه جون ڀريون کڻي سوڀ ماڻي ورتي، جنهن جي خوشي ۾ دھلن شرنائن سان رڪس ۽ مقابلو کٽيندڙ جان محمد عرف جانو مھر ۽ سندس ساٿي ثناءُ الله چانڊيو کي مقامي رهواسين پئسن جا هار پارايا.