قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ٽيموڙ وٽ قومي شاھراهه تي مٺياڻي کان نواب شاهه ويندڙ ڪار کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار مڪمل طور سڙي وئي، جڏهن ته ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا محفوظ رھيا، اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو، موٽر وي پوليس موجب ڪار کي وائرنگ مان باهه لڳي،